Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

سٺين نيتن سان گڏ سُنتن ڀريا بيان ڪرڻ يا درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ وارن جا ڀاڳ ئي ڀلا آهن، اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ انهن جون قبرون اندر کان جڳمڳ جڳمڳ ڪري رهيون هونديون ۽ انهن کي ڪنهن قسم جو خوف محسوس نه ٿيندو. انهي لاءِ ٻين مدني ڪمن ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ خوب خوب مسجد درس ڏيڻ جي به ڪوشش ڪريو ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو. اچو ته مدني ماحول جي برڪتن سان مالا مال هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا. جيئن ته

مدني بهار

مَٿرا (هند) جي هڪ اسلامي ڀاءِ جو ڪجهه هيئن بيان آهي ته : آئون هڪ ماڊرن نوجوان هئس، فلمون ڊراما ڏسڻ منهنجو مشغلو هو، مڪتبةالمدينہ کان جاري ٿيل بيان جي ڪيسيٽ ”T.Vکی تباہ کاریاں ٻُڌڻ جو شرف حاصل ٿيو، جنهن مون ۾انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، آئون دعوت اسلاميءَ جي مدني ماحول سان مُنسلڪ ٿي ويس، مونکي Appendix (آنڊن ۾ سوڄ) جي بيماري ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر آپريشن جو مشورو ڏنو مان گهٻرائجي ويس ايتري ۾ دعوت اسلاميءَ جي هڪ مبلّغ جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۾پهريون ڀيرو عاشقانِ رسول سان گڏ دعوتِ اسلاميءَ جي سنّتن جي تربيت جي ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس، اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ مدني قافلي جي برڪت سان بغير آپريشن منهنجي بيماري ختم ٿي وئي. اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ منهنجي جذبي کي مديني جا ٻارهـن چنڊ لڳي ويا. هاڻي مان هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندو آهيان ۽ هر مهيني مدني انعامات جو ڪارڊ جمع ڪرائيندو آهيان ۽ مسلمانن کي فجر جي نماز خاطر جاڳائڻ لاءِ گهمي ڦري ڪري صداءِ مدينہ لڳائيندو آهيان.

(فيضان سنت ص 248)