Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

وٺي آيا ۽ انهن کي اُتي ڇڏي ڏنو، انهي دوران هڪ ڊگهو عرصو گذري ويو ۽ مڪّهء مڪرمه ۾ ئي قبيلو جُرهم آباد ٿيو ۽ اهي به اُتي رهڻ لڳا. (انهي عرصي ۾ حضرتِ اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام به جوان ٿي چڪا هئا) حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن انهن جي هڪ عورت سان شادي ڪري ورتي ۽ انهن جي والده حضرتِ سيِّدتنا ہاجرہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو ان عرصي ۾ وصال ٿي ويو. چڱو عرصو گذرڻ کان پوءِ حضرتِ ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام پنهنجي پُٽ حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي گھر تشريف وٺي آيا ۽ انهن جي گھرواريءَ کان پڇيو: توهان جا صاحب (مُڙس) ڪٿي آهن؟ انهن عرض ڪيو: اُهي شڪار جي لاءِ تشريف وٺي ويا آهن، الله عَزَّوَجَلَّ توهان تي رحم فرمائي!توهان تشريف رکو اهي اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ هاڻي بس اچي رهيا هوندا. حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن پڇيو: توهان وٽ کائڻ جي لاءِ ڪجهه آهي؟ انهن عرض ڪيو: جي ها! ۽ ان وقت ئي کير ۽ گوشت حاضرِ خدمت ڪيو. حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن انهن کان گذربسر جي باري ۾ پڇيو، ته حضرتِ سيّدنا اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي گھرواريءَ عرض ڪيو: اسان خير سان آهيون ۽ اَ لْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ خوش حال به آهيون. ته حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن انهن ٻنهي جي لاءِ دعاءِ برڪت فرمائي پوءِ حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام انهن کي چيو ته جڏهن تنهنجا گھروارا اچن ته انهن کي منهنجا سلام ڏجو، ۽ چئجو ته پنهنجي دروازي جي چائنٺ کي باقي رکن. جڏهن حضرتِ سيّدنا اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام تشريف وٺي آيا ته انهن پنهنجي والدِ محترم جي خوشبو محسوس ڪئي ته پنهنجي گھرواريءَ کان پڇيو: ڇا اڄ هتي ڪو آيو هو؟ انهن جواب ڏنو: ها هڪ خوبصورت چهري وارا ۽ سٺي خوشبو وارا بزرگ تشريف وٺي آيا هئا، ان