Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

کان بعد انهن تمام معاملو ٻڌايو. ۽ هي به چيو ته مون انهن جو مٿو مبارڪ ڌوتو هو ۽ انهن جي قدمن جا نشان آهن. حضرتِ سيّدنا اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جن پورو واقعو ٻڌي ڪري ارشاد فرمايو: اهي منهنجا والد حضرت ابراهيم هئا ۽ منهنجي دروازي جي چائنٺ مان مراد تون آهين ۽ انهن مون کي حڪم ڏنو آهي ته آئون توکي روڪي رکان. (روح البيان،۱/۲۲۵ ملتقطاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان اهو درس ملي ٿو ته جڏهن ڪو مهمان اچي ته اسان کي پنهنجي حيثيت جي مطابق ان جي مهماني ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي غربت ۽ تنگدستي جو اظهار ڪرڻ جي بجاءِ هر حال ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي، پنهنجي ڀينرن، ڌيئرن ۽ پنهنجي ٻارن جي ماءُ جي تربيت ڪندي انهن کي گھرواري جي حقن جي ادائگي ۽ ان جي شڪر گذار گھروارِي بنجڻ ۽ ناشڪري ۽ احسان فراموشي کان بچڻ جو ذهن ڏيڻ گھرجي. يقينًا نيڪ سيرت ۽ مثالي گھرواريءَ جي هڪ خوبي اها به آهي ته اها هميشه پنهنجي مڙس جي نعمتن جي شڪر گذار رهندي آهي ۽ ڪڏهن به انهن احسانن جو انڪار ڪري ناشڪري ناهي ڪندي اها چڱي طرح ڄاڻيندي آهي ته مڙس مون نازڪ جي لاءِ هڪ مضبوط سهارو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نعمت آهي، اهو ئي منهنجي ضرورتن کي پورو ڪندو آهي ۽ ان جي سبب مون کي اولاد جي نعمت ملي آهي. پر بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ ڪيتريون ئي اسلامي ڀينرن ناشڪري جي وبال ۾ گرفتار آهن، ٿورو ڪنهن جو چڱو گھر، قيمتي ڪپڙا ۽ قيمتي زيورات ڏسن ته ناشڪري تي لهي اينديون آهن ۽ مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ الله تَعَالٰي تي اعتراض ڪندي ڪجھ هن طرح جي گفتگو ڪنديون آهن ته ”خدا اسان