Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

بے عمل باعمل بنتے ہیں سَر بَسر تُو بھی اے بھائی کر قافِلے میں سفر

اچّھی صُحبت سے ٹھنڈا ہو تیرا جگر کاش!کر لے اگر قافِلے میں سفر

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشڪوٰة ج 1 ص 55 حديث 175)

عمامي شريف جي متعلق ڪجھ اهم مدني گُل

* عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس ص 38) * عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش گنبذ نما هجي. (فتاويٰ رضويه ج22 ص 186) * رومال جيڪڏهن ايترو وڏو هجي جيڪو مٿي کي چڱي طرح ڍڪي ته اهو عمامو ئي آهي ۽ ننڍو رومال جنهن سان صرف هڪ ٻه وَر اچي سگھن ٻَڌڻ مڪروهه آهي. (فتاوي رضويه مخرّجه ج 7 ص 299) * عمامي کي جڏهن نئين سري سان ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌل آهي ايئن کوليو ۽ هڪ مهل زمين تي نه اُڇلايو. (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 330) * جيڪڏهن ضرورتاً لاٿو، ۽ ٻيهر ٻَڌڻ جي نيّت هجي ته هڪ هڪ پيچ کولڻ تي هڪ هڪ گناهه مٽايو ويندوـ (ملخص از فتاويٰ رضويه ج 6 ص 214) عمامي جا ڇهه طبي فائدا ملاحظه فرمايو: مٿي اگھاڙي رهندڙ جي وارن تي سردي گرمي ۽ اُس وغيره سڌو سنئون اثر ڪندي آهي ان سان نه صرف وار بلڪ دماغ ۽ چهرو به متاثر ٿيندو آهي ۽ صحت کي نقصان