Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

واعدي خلافي ڪنهن کي چوندا آهن؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته واعدي خلافي ڪرڻ واري جي متعلق ڪيتري قدر سخت وعيدون آهن جو واعدي خلافي ڪرڻ واري تي الله عَزَّوَجَلَّ ان جا فرشتا ۽ تمام انسانن جي لعنت هوندي آهي، نه ان جو ڪو فرض قبول ٿيندو آهي نه نفل.

حضور پُرنور، سيّدُ العٰلمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: ”واعدي خلافي هي ناهي ته ماڻهو واعدو ڪري ۽ ان جي نيت ان کي پورو ڪرڻ جي به هجي بلڪه واعدي خلافي هي آهي ته ماڻهو واعدو ڪري ۽ ان جي نيت ان کي پورو ڪرڻ جي نه هجي.“ (الجامع لاخلاق الراوي للخطيب البغدادي، ص۳۱۵، رقم۱۱۶۸) هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته جڏهن ڪو شخص پنهنجي ڀاءُ سان واعدو ڪري ۽ ان جي نيت ان کي پورو ڪرڻ جي هجي پوءِ پورو نه ڪري سگھي، واعدي تي نه اچي سگھي ته ان تي گناھ ناهي.

(سُنَنِ ابوداؤد ج۴ ص ۳۸۸ حديث ۴۹۹۵)

حسد، وعدہ خِلافی، جُھوٹ، چُغْلی،غیبت وگالی

مجھے ان سب گُناہوں سے ہونَفْرت یَارَسُوْلَ اللہ

مرے اَخْلاق اچھے ہوںمرے سب کام اچھے ہوں

بنا دو مجھ کو تم پابندِ سُنَّت یَارَسُوْلَ اللہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جون پاڪيزه خوبيون جيڪي قرآنِ پاڪ ۾ بيان ٿيون، ان مان هڪ به آهي ته