Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

جنّتي دُنبو ۽ مبارڪ ڪَلمات جو مجموعو

حضرت سَيّدُنا اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جڏهن حضرت سَيّدُنا اسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي ذبح ڪرڻ جي لاءِ زمين تي ليٽايو ته حضرت جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام الله تعالٰي جي حڪم سان فديي طور جنّت مان هڪ دنبو کڻي آيا ۽ پري کان وڏي آواز ۾ فرمايائون: اَللّٰهُ اَكۡبَرُ اَللّٰهُ اَكۡبَرُ جڏهن حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام هي آواز ٻڌو ته پنهنجو مٿو آسمان جي طرف کنيائون ۽ سمجهي ويا ته الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان ايندڙ آزمائش جو وقت گذري چڪو آهي ۽ پُٽ جي جڳهه تي فديي ۾ دنبو موڪليو ويو آهي، لهٰذا خوش ٿي فرمايائون: لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَاللّٰهُ اَكۡبَرُ جڏهن حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام هي ٻڌو ته فرمايائون: اَللّٰهُ اَكۡبَرُ وَلِلّٰهِ الۡحَمۡدُ، هن کان بعد انهن ٽنهي پاڪ هستين جي انهن مبارڪ لفظن جي ادائگي جي اها سنّت قِيامت تائين جاري ۽ ساري ٿي وئي. (بنايه شرح هدايه ج3، ص130)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي ۾ اسان جي لاءِ به مدني گُل موجود آهن. جيئن ته توهان ملاحظه فرمايو ته جڏهن حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جن حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام کي پنهنجو خواب ٻڌايو ته پاڻ بجاءِ غمگين ۽ خوفزده ٿيڻ جي فرحت ۽ مسرت سان ڄڻ جھومڻ لڳا ته منهنجي خوش قسمتي جو الله عَزَّوَجَلَّ مون کي قرباني جي لاءِ طلب فرمايو آهي ۽ بَخوشي الله عَزَّوَجَلَّ جي راھ ۾ قربان ٿيڻ جي لاءِ راضي ٿي ويا، ان جي برعڪس جيڪڏهن ڪنهن تي ٿوري آزمائش اچي وڃي يا ڪا تڪليف پهچي ته شِڪوه شڪايت بلڪه مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ بي صبري جو مظاهرو ڪندي گھڻو ڪري ڪفريات بَڪي ڇڏيندا آهن ۽ ربّ تَعَاليٰ جي ناراضي جو شڪار ٿي ويندا آهن، اهڙي موقعي تي خوب صبر جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي ته هي