Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

۽ جيڪي اسلامي ڀينرون عقلمندي جو ثبوت ڏيندي پنهنجي مُڙس جي فرمانبرداري ۽ شڪر گذار گھرواري بڻجڻ جو ڪردار نڀائينديون آهن، انهن جي لاءِ جنت جي بشارت آهي، جيئن ته فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جيڪا عورت پنج نمازون پڙهي، رمضان جا روزا رکي، پنهنجي عزت ۽ ناموس جي حفاظت ڪري ۽ پنهنجي مُڙس جي اطاعت ڪري ته ان کي چيو ويندو ته جنت جي جهڙي به دروازي مان چاهين جنت ۾ داخل ٿي وڃ.

(مسند امام احمد، مسند عبد الرحمن بن عوف، ۱/ ۴۰۶، حديث:۱۶۶۱)

ياد رکو! مڙس جي ناشڪري کان ان لاءِ به بچڻ گھرجي جو مسلسل ان طرح جون ڳالهيون مڙس جي دل ۾ نفرت ۽ عداوت جو طوفان پيدا ڪنديون آهن ۽ جيڪڏهن خدانخواسته ان جي سبب تعلّقات ڪمزور ٿيڻ لڳا ته پوري عُمر پڇتائڻ کان علاوه ڪجھ هٿ نه ايندو. بهرحال ڪامياب زال اها ئي آهي جيڪا ڪڏهن به ناشڪري جا لفظ زبان تي نه آڻي ۽ هميشه مڙس جي شڪر گذار بڻجي ان جي دل خوش ڪندي رهي. زال مڙس جي درميان محبت ۽ الفت جو هي خوبصورت رشتو چڱي نموني سان انهيءَ وقت ئي هلي سگھي ٿو جڏهن اهي ٻئي هڪ ٻئي جا حق چڱي طرح ادا ڪن.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حضرتِ اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جون صفتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي الله عَزَّوَجَلَّ بي شمار خوبين سان نوازيو ۽ قرآن ڪريم ۾ ڪيترين ئي جڳهن تي سندن جو ذڪر ٿيو، پاڻ معمارِ ڪعبه (ڪعبهء معظمّه تعمير ڪرڻ وارا) ۽ بانيءِ مڪة المڪرمه آهن. حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جَدُالعرب (اهلِ عرب جا ڏاڏا) ۽