Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

پياري عادت کي اپنائيندي ڪنهن سان ڪيل واعدو ضرور نڀائڻ گھرجي. پر افسوس صد افسوس! جو اڄ اسان معاشري ۾ وعده خلافي عام ٿي رهي آهي ۽ ان کي مَعيُوب (بُرو) به نٿو سمجھيو وڃي، جڏهن ته واعدي خلافي ۽ عهد شڪني (واعدو ٽوڙڻ) حرام ۽ ڪبيره گناھ آهي، ڇو جو واعدو پورو ڪرڻ مسلمان تي شرعًا واجب ۽ لازم آهي. الله عَزَّوَجَلَّ قرآنِ ڪريم ۾ سيپاري 6 سُوۡرَۃُ المائدہ جي آيت نمبر 1 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَوۡفُوۡا بِالۡعُقُوۡدِ ۬ؕ

(پ:6، سورة المائده آيت 1)

 

ترجمو ڪنز الايمان: اي ايمان وارؤپنهنجا قول پورا ڪريو.

اهڙي طرح سيپاري 15 سُورۂ بَنی اِسْرَائِیْل جي آيت نمبر 34 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اِنَّ الۡعَہۡدَ کَانَ مَسۡـُٔوۡلًا ﴿۳۴﴾

(پ:15، سورهء بني اسرائيل آيت 34)

 

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ واعدي بابت پڇا ٿيڻي آهي.

حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان روايت آهي ته رَسُول الله
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته جيڪو مسلمان عهد شڪني ۽ واعده خلافي ڪري، ان تي الله عَزَّوَجَلَّ ۽ فرشتن ۽ تمام مخلوق جي لعنت آهي ۽ ان جو نه ڪو فرض قبول ٿيندو نه نفل.

(صحيح البخاري،ڪتاب الجزية والموادعة، باب اثم من عاھدثم غدر، الحديث۳۱۷۹، ج۲،ص۳۷۰)

هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته ماڻهو ان وقت تائين هلاڪ نه ٿيندا جيستائين جو اهي پنهنجي ماڻهن سان عهد شڪني نه ڪندا.

(سُنَنِ ابوداؤد،ج۴،ص۱۶۶،حديث۴۳۴۷)