Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

آهي. (مزيد فرمائن ٿا:) طورِ سينا جبل ۽ مڪهء معظمه ان لاءِ عظمت وارا بڻجي ويا جو طور کي ڪَلِيۡمُ الله (يعني موسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّلَام) سان ۽ مڪهء معظمه کي حبيبُ الله (يعني اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سان نسبت ٿي وئي. خلاصو هي آهي ته الله جي پيارن جون شيون شَعائرُالله آهن جيئن قرآن شريف، خانهء ڪعبه، صفا مروه جبل، مڪهء معظمه، بيت المقدس، طورسينا، اولياءِ ڪرام ۽ انبياءِ ڪرام جا مقبرا (يعني مزارات) آبِ زمزم وغيره.

(علم القرآن،ص۴۸-۵۰ملتقطاً)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

قرآن ڪريم ۾ حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو اسمِ گرامي ڪيترين ئي جڳهن تي آيو آهي ۽ هر جڳھ تي سندن جي شان ۽ عظمت جو ذڪر موجود آهي. جيئن ته هڪ جڳهه تي الله عَزَّوَجَلَّ سندن عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جون خوبيون هنن لفظن سان بيان فرمايون آهن: جيئن ته سيپاري 16 سُوۡرَۃُ مَرْيَم جي آيت نمبر 54 ۽ 55 ۾ ارشادِ باري تعالٰي آهي:

وَ اذۡکُرۡ فِی الۡکِتٰبِ اِسۡمٰعِیۡلَ ۫ اِنَّہٗ کَانَ صَادِقَ الۡوَعۡدِ وَ کَانَ رَسُوۡلًا نَّبِیًّا ﴿ۚ۵۴﴾ وَ کَانَ یَاۡمُرُ اَہۡلَہٗ بِالصَّلٰوۃِ وَ الزَّکٰوۃِ ۪ وَ کَانَ عِنۡدَ رَبِّہٖ مَرۡضِیًّا ﴿۵۵ (پ:16، سورهء مريم آيت 54،55)

 

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ ياد ڪر ڪتاب ۾ اسماعيل کي بيشڪ اهو واعدي جو سچو هو ۽ رسول هر غيب جون خبرون ٻڌائيندڙ ۽ حڪم ڏيندو هو پنهنجي گھروارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو ۽ پنهنجي ربّ کي پسند ڪندو هو.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ مبارڪه ۾ حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل
عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جون چار مبارڪ صفتون بيان ڪيون ويون آهن (1) توهان