Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

وَکَانَ یاۡمُرُ اَہلَہٗ بِالصَّلٰوۃِ وَالزَّکٰوۃِ

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ حڪم ڏيندو هو پنهنجي گھروارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو.

معلوم ٿيو ته پنهنجي اهل و عيال کي نيڪ عملن جي ترغيب ڏيارڻ نماز جو عادي بنائڻ، انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي سُنت آهي. تنهنڪري اسان به نماز جي اهميت کي سمجھندي نه صرف پاڻ کي پنج نمازون پابندي سان گڏ مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِ اولٰي سان گڏ باجماعت ادا ڪرڻ گھرجن بلڪه پنهنجي سمجھدار ٻارن کي به گڏ وٺي وڃڻ گھرجي. ياد رکو! جيڪڏهن اسان نمازن جي پابندي سان گڏوگڏ پنهنجي سمجھدار ٻارن کي به مسجد وٺي وينداسين ته انهن جو ننڍو ذهن ننڍپڻ کان ئي نمازن جي طرف مائل ٿيڻ لڳندو ڇو جو جيڪا ڳالھ ٻارن جي ذهن ۾ ننڍپڻ کان ئي ويهي رهي فطري طور تي وڏو ٿيڻ وقت به اها ڳالھ انهن جي ذهنن ۾ راسِخ (پُختي) ٿي ويندي آهي. ٻارن کي نماز جو عادي بنائڻ جي لاءِ وقتًا فوقتًا نماز جا فضائل به ٻڌائيندا رهو، اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان اسان جا ٻار ننڍي عمر ۾ ئي پڪا نمازي بڻجي ويندا. في زمانو اولاد جي سٺي تربيت ڪرڻ ۽ انهن کي ننڍپڻ کان ئي نماز روزي ۽ عبادتن جو عادي بڻائڻ تمام ضروري آهي. اولاد جي سُنتن جي مطابق صحيح تربيت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 188 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”تربيتِ اولاد“ جو مطالعو ڪريو. اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ اسلامي تعليمات جي مطابق اولاد جي بهترين تربيت ڪرڻ ۾ هي ڪتاب معاون ثابت ٿيندو. ياد رکو! پنهنجي اولاد کي ڪنهن به نيڪ ڪم جي ترغيب ڏيارڻ کان پهرين پاڻ ان ڪم کي ڪرڻ جي عادت ٺاهڻي پوندي! نه ته اسان جي