Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

کي نه ڄاڻي ڪهڙي جُرم جي سزا ۾ مفلس ۽ غريب بڻائي ڇڏيو. آئون ته آهيان ئي بدقسمت جو نه پيڪَن ۾ سُک نصيب ٿيو نه ساهِرَن وٽ ڪجھ ڏٺو، فُلان کي ڏسو عيش ۽ آرام ۾ زندگي بسر ڪري رهي آهي ۽ آئون هتي فاقن سان مري رهي آهيان، وغيره وغيره.“ اهڙي طرح ڪن جي ته هي عادت هوندي آهي جو انهن کي سٺو ۽ عمده کاڌو کارائيندو پياريندو رهجي گڏوگڏ انهن کي پنهنجي حيثيت ۽ طاقت جي مطابق ڪپڙا، زيورات ۽ ٻيو سازوسامان ڏيندو رهجي پر ڪنهن مجبوري جي سبب ڪا خواهش پوري نه ڪري سگهجي ته اهي مڙس جا پوري زندگيءَ جا احسان وساري ان جي ناشڪري ڪندي چونديون آهن ته ”هاءِ مونکي هن گھر ۾ ڪڏهن سُک نصيب نه ٿيو، تون منهنجي ڪڏهن ڪا خواهش پوري ئي نه ڪئي. منهنجي ته قسمت ئي خراب آهي جو توسان شادي ڪئي وئي وغيره وغيره“ (جنّتي زيور،ص ۱۲۵،ملخصاً) ياد رهي! ته ناشڪري جا اهي لفظ نه صرف عورت جي دنياوي زندگي کي اُجاڙي ڇڏيندا آهن بلڪه ان جي آخرت به برباد ڪري سگھن ٿا. جيئن ته

ٻنهي جهانن جي تاجور، سلطانِ بحروبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي: مون جهنم ۾ اڪثريت عورتن جي ڏٺي . صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جن عرض ڪيو: يَا رَسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو ڇا سبب آهي؟ فرمايو: ڇو جو اهي ناشڪري ڪنديون آهن. پڇيو ويو ته ڇا اهي الله عَزَّوَجَلَّ جي ناشڪري ڪنديون آهن؟ ارشاد فرمايو: اهي مُڙس ۽ ان جي احسان جي ناشڪري ڪنديون آهن.۽ جڏهن توهان ڪنهن عورت سان پوري عُمر چڱو سلوڪ ڪيو پرتوهان ۾ ڪا ناپسنديده ڳالھ ڏسندي ته چوندي: مون ته ڪڏهن تو مان ڀلائي ڏٺي ئي ناهي.

(بخاري،ڪتاب النڪاح ، باب ڪفران العشير…الخ، ۳/۴۶۳، حديث:۵۱۹۷)