Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

ڪم به پنهنجي ٻارن جي ماءُ کان ڪرائڻ ۽ ھر وَقت ٻين تي حڪم هلائڻ سان نه صرف گھر جو ماحول خراب ٿيندو گڏوگڏ مسئلا پيدا ٿيندا بلڪه گھر جو ڪم نه ڪرڻ ۽ ان کان نٽائڻ کي عُلماء تڪبُّر جي علامت ۾ شُمار ڪيو آهي۔ جيئن ته دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه رسالي ”تڪبّر“ جي صفحي نمبر 34 تي آهي ته پنهنجي گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ، بازار کان سودو سلف (سامان وغيره) کڻي اچڻ کي بي عزتي سمجھڻ به تڪبُّر جي علامتن مان آهي. (الحديقة الندية، ج۱،ص۵۸۶) ان لاءِ جيڪڏهن ڪنهن ۾ اهڙي عادت آهي ته براءِ ڪرم ان جي علاج جي ڪوشش ڪري. اللھ عَزَّوَجَلَّ اسان کي تڪبُّر ۽ ھر قسم جي باطني ۽ ظاھري بيمارين کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

گُناہوں کے اَمراض سے نِیْم جاں ہوں

 

پئے مُرشِدی دے شِفا یاالٰہی

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صَدْقہ

 

گُناہوں سے ہر دَم بچایاالٰہی

(وسائلِ بخشش ،ص:۱۰۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مبارڪ زندگي جي مُتَعَلِّق اسان ٻڌو ته پاڻ شريعت تي عمل ڪرڻ وارا، گھر جي ڪم ڪار ۾ حصو وٺڻ وارا، تمام وڏا عالمِ دين هئا. اچو ته! هاڻي سندن جي وفات جو واقعو ٻڌون ٿا. جيئن ته خليفهء صَدرِ شريعت، پيرِطريقت حضرتِ علّامه مولانا حافظ قاري محمد مُصلحُ الدين صِدّيقي قادِري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه