Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

سگھي ۽ ڪو عذر نه هجي ته گھر جو ڪم ڪار بخوشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريون۔ گھر جو ڪم ڪار هٿ سان ڪرڻ هي مُحسنِ اِنسانيت، شمعِ بزمِ ھدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّتِ مبارڪه به آهي. جيئن ته

اُمُّ المُؤمنين حضرتِ سَيدَتُنا عائشه صِدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان سُوال ٿيو ته ڇا نبي ڪريم، رؤُفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گھر ۾ ڪم ڪار ڪندا هئا؟ فرمايائون: ھا پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي نَعلينِ مبارڪ خُود ڳنڍيندا، ڪپڙن ۾ چتيون لڳائيندا ۽ اهي سڀ ڪم ڪندا هئا جيڪي مرد پنهنجي گھرن ۾ ڪندا آهن. (مسند امام احمد ،۹/ ۵۱۹،حديث: ۲۵۳۹۶) حڪيم الاُمَّت ،مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الْمَنَّان فرمائن ٿا: حُضُورِ اَنوَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گھر جي ڪنهن ڪم ۾ تڪلّف نه فرمائيندا هئا، ٻڪري (جو کير) ڏُھي وٺندا هئا، پنهنجا ڪپڙا خود ڌوئي وٺندا هئا، نَعلين شريف ۾ چتي لڳائي وٺندا هئا. معلوم ٿيو ته گھر جو ڪم ڪرڻ صالحين جو طريقو آهي ڪنهن جائز ڪم ۾ شرم نه ڪرڻ گھرجي. (مرآة المناجيح: ۸/۷۴)

اپنے کپڑے خود دھو لینا خاک کے بستر پر سو لینا

سا د ہ سادہ نیک طبیعت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اي ڪاش! اسان به پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اَدائن مان ڪجھ سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ۽ گھر ۾ چاھت ۽ سنتن ڀريو ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ جيتري قدر ٿي سگھي پنهنجا ڪم پنهنجي هٿن سان ڪرڻ کان علاوه گھروارن جو ڪم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندا ڪريون. ان سان نه صرف گھر وارن جي دل ۾ مَحَبَّت وڌندي بلڪه گھر ۾ پنهنجائپ وارو ماحول بڻجندو. ياد رکو! ننڍا ننڍا