Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

کان بہتر سمجھيا ويندا هئا۔ هڪ ڀيري ڪتاب ڏسڻ سان يا ٻڌڻ سان سالن تائين ايئن ياد رهندو هو، جيئن هاڻي هاڻي ياد ڪيو يا ٻڌو هجي. 3 ڀيرا ڪنهن عِبارَت کي پڙهي وٺندا هئا ته ياد ٿي ويندي هئي.

(تذڪرهءصدرالشريعه،ص۷)

تدريس جو آغاز:

صُوبي بِہار (ہند پٽنا) ۾ مدرسہ اَہلسنَّت هڪ اعلٰي درس گاھ هئي. ان مدرَسي جي مُتَولي قاضي عبدُالوحيد مرحوم جي دَرخواست تي حضرت مُحدِّث سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن مدرسه اَھلسنَّت (پٽنا) جي صَدرِ مُدَرِّس جي لاءِ صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو انتخاب فرمايو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اُستاد محترم جي دُعائن جي ڇانَو ۾’’پٽنا‘‘ پهتا ۽ پھرين ئي سبق ۾ علم جا اهڙا دريا وهايا جو عُلَماء وطَلَبه واھ واھ ڪرڻ لڳا۔ (خليفه اَعليٰ حضرت ،حضرت مولانا) قاضي عبدُالوحيد (عظيم آبادي) رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيڪي پاڻ به وڏا عالِم هئا، (اُنھن) صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي علمي وَجاھت ۽ انتِظامي صَلاحيت کان مُتَاثر ٿي ڪري مدرَسي جا تعليمي اُمُور سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سِپرد ڪري ڇڏيا. (تذڪرهء صدرالشريعه،ص۷،ملتقطاً)

اعليٰ حضرت جي زيارت:

ڪجھ عرصي کان بعد قاضي عبدُالوحيد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بانيِ مدرسه اَھلسنَّت (پٽنا) شديد بيمار ٿي ويا ۔ قاضي صاحب هڪ نِھايت دين دار ۽ دين پروَر شخص هئا، پاڻ پوري زندگي خِدمتِ دين ئي کي پنهنجو مقصد بڻايو. سندن پرهيزگاري ۽ مدني سوچ جي ئي ڪَشِش هئي جو منهنجا آقا اَعليٰ حضرت، اِمامِ اَھلسُنَّت، مُجَدّدِ دين ومِلَّت مولانا شاھ