Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

امام اَحمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن ۽ حضرت قبله مُحدِّث سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهڙا مصروف بُزُرگانِ دين قاضي صاحِب جي عيادت جي لاءِ روهيل کنڊ کان پٽنا تشريف وٺي آيا. ان موقعي تي حضرت صَدرُالشريعه، بَدرُالطّريقه مفتي محمداَمجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پھرين دفعي منهنجي آقا اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زيارت ڪئي۔ اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شخصيت ۾ اهڙي ڪَشِش هئي جو بي اِختيار صَدرُالشريعه، بَدرُ الطريقه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دل سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي طرف مائل ٿي وئي ۽ توهان اُستادِ محترم حضرت سيدُنا مُحدِّث سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مشوري سان سلسله عاليه قادِريه ۾ اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان بَيعَت ٿي ويا. منهنجا آقا اَعليٰ حضرت ۽ مُحدِّث سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيۡھُمَا جي مَوجُودَگي ۾ ئي قاضي صاحب جن وَفات ڪئي۔ اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن نمازِ جنازه پڙهائي ۽ مُحدِّث سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن قَبر ۾ لاٿو.

(تذڪرهء صدرالشريعه،ص۹،ملتقطاً)

علمِ طِب ۾ مَھارت:

قاضي صاحب مَرحُوم جي اِنتقال کان پوءِ مدرسو اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ پهتو، جن جو علمِ دين سان بلڪل به تَعلُّق نه هو۔ اندازي سان ايئن مَعلوم ٿو ته خِدمتِ دين جيڪو اصلي مقصد آهي، هاڻي هتي ممڪن ناهي، تنهنڪري پهرين رَمَضانُ المبارڪ 1326ھ ۾ وطن واپس اچي ويا ۽ مدرسي ۾ اِستِعيفا موڪلي ڇڏي۔ ڇو جو توهان جو خانداني پيشو حڪمت هو، تنهنڪري والدصاحب جي مشوري سان ان فن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪيم عبدُالوَلي صاحب وٽ لکنؤ هليا ويا. ٻن سالن ۾ مڪمل فن حاصل ڪرڻ بعد وطن اچي ويا ۽ مَطب