Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

اَلۡـحَـمۡـدُ   لِـلّٰـہِ  رَبِّ  الۡـعٰـلَـمِیۡنَ   وَ  الـصَّـلٰـوۃُ   وَ  الـسَّـلَامُ  عَـلٰی   سَـیِّـدِ   الۡـمُـرۡ  سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا  بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ   الـشَّـیۡـطٰنِ   الـرَّجِیۡمِؕ    بِـسۡمِ   الـلّٰـہِ   الـرَّحۡـمٰنِ   الـرَّحِـیۡمِؕ

فيضانِ صَدرُالشَّريعہ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه     

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

 

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪيو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرود شريف جي فضيلت

     جنهن مون تي هڪ ڀيرو درودِ پاڪ پڙهيو، الله عَزَّوَجَلَّ ان تي ڏھ (10) رحمتون نازل فرمائيندو آهي ۽ جيڪو مون تي ڏھ (10) ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙهي، الله عَزَّوَجَلَّ ان تي سو (100) رحمتون نازل فرمائيندو آهي ۽ جيڪو مون تي سو (100) ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙهي الله عَزَّوَجَلَّ ان جي ٻنهي اکين جي درميان لکي ڇڏيندو آهي ته هي نفاق ۽ جهنم جي باھ کان آزاد آهي ۽ ان کي بروزِ قيامت شهيدن سان گڏ رکندو.

(معجم اوسط:۵/۲۵۲، حديث: ۲۷۳، ضياءِ درودوسلام،ص:۳)