Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

کان گھر ۾ حاصل ڪئي، پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي مدرَسہ ناصِرُالعُلُوم ۾ وڃي ڪري گوپال گنج جي مولوي الٰہي بخش صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ڪجھ تعليم حاصل ڪئي. پوءِ جونپور پہچي ڪري پنهنجي سؤٽ ڀاءُ ۽ اُستاذ مولانا محمد صديق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ڪجھ اَسباق پڙهيا، پوءِ حضرت علّامہ ہِدايتُ اللہ خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان علمِ دين جون برڪتون حاصل ڪيون ۽ اتان کان دَرسِ نِظامي مڪمل ڪئي. پوءِ دورہء حديث جي تڪميل پيلي ڀيت ۾ اُستاذُ المُحدِّثين حضرت مولانا وَصي احمد مُحدِّث سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ڪئي. حضرت مُحدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي هوشيار شاگرد جي اَعليٰ صَلاحيتن جو اِعتِراف هنن لفظن ۾ ڪيو: ”مون کان جيڪڏهن ڪنهن پڙهيو ته امجد علي پڙهيو۔“

(تذڪرهء صدر الشريعه،ص۵)

حُليو مُبارڪ:

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نِہايت ئي خُوبصورت گندمي رنگ، مَضْبُوط ۽ طاقتور جسم جا مالڪ هئا۔ چہرو مبارڪ پروقار ۽ بارونق، رَنگت گَندمي، ڪُشادا پيشاني سان گڏ وڏيون وڏيون چمڪدار اکيون، ڀرون گھاٽيون ۽ ڏاڙهي مبارڪ به ڪافي گھاٽي هئي. جسم مبارڪ ڀريل هو، ٿُلهو متارو ۽ سهڻي بيهڪ وارو (Smart) هو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو قَد مُبارڪ درميانو هو. (سوانحِ صدر الشريعه، ص۱۰،ملخصاً)

حافظي جي قوت جي مضبوطي:

سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جوحافظو تمام مَضبوط هو. (طالب علمي جي دوران) حافِظي جي قُوت، شوق ۽ محنت ۽ ذِہانت جي ڪري سڀ طالبِ علمن