Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

صَدرُ الشريعه جا نمايان ڪارناما:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شريعت جي امام، طريقت جي چنڊ حضرت علامه مولانا مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي پوري زندگي شريعت و طريقت جي خِدمت ۾ گُذاري. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي پاڪ زندگي ۾ اهڙا نمايان ڪارنامه سر اَنجام ڏنا جن تي اڄ پوري جهان جو عقل حيران آهي. اچو ته سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪجھ علمي ڪارنامن جي باري ۾ ٻُڌون ٿا۔

بھارِ شريعت، فقه حنفي جو انسائيڪلو پيڊيا:

صَدرُالشريعه، بدرُ الطّريقه مفتي محمداَمجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي علمي ڪارنامن ۾ سرِ فھرست ”بھارِ شريعت“ جي تصنيف آهي. هي ڪتاب اُردُو زبان ۾ عَقائد کان وٺي مُعاملات تائين جي تمام ضَروري مسئلن تي مشتمل آهي. خاص صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مبارڪ قلم مان سترھن (17) حِصّن تي مشتمل آهي. منقول آهي ته فقه حنفي جي مشھور ڪتاب فتاوٰي عالمگيري سَوين عُلَماءِ دين رَحِمَھمُ الله الْمُببین جن حضرت سيدُنا شيخ نظامُ الدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نگراني ۾ عَرَبي زَبان ۾ مُرَتَّب فرمائي پر قُربان وڃو صَدرُالشريعه عَلَيْهِ رَحْمَةِ رَبِّ الْوَرٰی جن اهو ئي ڪم اُردُو زبان ۾ اڪيلي سر ڪري ڏيکاريو ۽ علمي ذخيرن سان نه صرف مفتيٰ بہٖ قول چونڊي چونڊي ڪري بھارِ شريعت ۾ شامل ڪيا بلڪه سَوين آيتون ۽ هزارين حديثون به موضوع جي مُناسَبَت سان شامل ڪيون. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خُود تحديث نعمت جي طور تي اِرشاد فرمائن ٿا:’’جيڪڏهن اورنگزيب عالمگير هن ڪتاب (يعني بھارِ شريعت) کي ڏسن ها ته