Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

اچو ته ويهڻ جون سنتون ۽ آداب سماعت ڪريون!

*ويهڻ جي جڳھ زمين تي رکو ۽ گوڏن کي اُڀو ڪري ٻنهي هٿن سان گھيري وٺو ۽ هڪ هٿ سان ٻئي کي پڪڙي وٺو، اهڙي طرح ويهڻ سُنت آهي (پر ان دوران گوڏن تي ڪا چادر وغيرہ ويڙهي وٺڻ بہتر آهي) (مراٰة المناجيح، ج۶، ص۳۷۸ ملخصاً) *… چارزانو (يعني پلٿي هڻي) ويهڻ به نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ثابت آهي۔ *…جتي ڪجھ اُس ۽ ڪجھ ڇانَو هجي اتي نه ويهو۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحبوب، داناءِ غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جڏهن توهان مان ڪو ڇانو ۾ هجي ۽ ان تان ڇانو رخصت ٿي وڃي ۽ اهو ڪجھ اُس ڪجھ ڇانَو ۾ رهجي وڃي ته ان کي گھرجي ته اتان کان اُٿي وڃي۔ (سنن ابي داؤد، ڪتاب الادب، باب في الجلوس بين الظل و الشمس، الحديث۴۸۲۱،ج۴،ص۳۳۸) *…قبلي رُخ ٿي ڪري ويهو۔ (رسائل عطاريه، حصہ۲،ص۲۲۹) *…اعليٰ حضرت، امامِ اہلسنت، مَولانا شاہ امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن لکن ٿا: پير ۽ استاد جي نشست (مَسند) تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ (فتاوٰي رضويہ، ج۲۴، ص۳۶۹/۴۲۴) *… جڏهن ڪنهن اِجتِماع يا مجلِس ۾ اچڻ ٿئي ته ماڻهن کي اورانگھي ڪري اڳيان نه وڃو جتي جڳھ ملي اتي ويهي رهو۔ *… جڏهن ويهو ته جُوتا لاهي وٺو توهان جي پَيرن کي آرام ملندو۔ (الجامع الصغير، الحديث۵۵۴، ص۴۰) *…مجلس کان فارغ ٿي ڪري هي دعا ٽي ڀيرا پڙهي وٺو ته گناہ معاف ٿي ويندا۔ ۽ جيڪو اسلامي ڀاءُ مجلسِ خير ۽ مجلسِ ذڪر ۾ پڙهي ته ان جي لاءِ ان خير تي مُہر لڳائي ويندي۔ اُها دُعا هي آهي: