Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

12 مدني ڪمن ۾ حصو وٺو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به نيڪي جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ، نيڪيون ڪرڻ گُناھن کان بچڻ، ٻين کي بچائڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾اڳتي وڌي ڪري حصو وٺڻ گھرجي. ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ھفتيوار”مدني مُذاڪرو“ به آهي. ماڻهن ۾ عِلم و حڪمت جا مدني گُل لٽائڻ، انهن جي تربيت ڪرڻ ۽ علمِ دين سيکارڻ بُزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ الْـمُبین جو معمول رھيو آهي۔ بُزرگانِ دين جو هڪ تعداد آهي جيڪو علمِ دين جي روشني ۽ ماڻهن کي ھدايت جو سامان فراھم ڪرڻ لاءِ وقتًا فوقتًا مختلف طريقن سان علمِ دين سيکارڻ جي ترڪيب ڪندا آهن. عُلماءِ دين ۽ اَولياءِ ڪاملين جي صُحبت جو فيض، انهن جي بيان جي چاشني ۽ انهن جي ڪردار جي دِلڪشي ھزارين ماڻهن جي لاءِ راھـِه ھدايت جو ذريعو بڻجندي آهي. انهيءَ سبب حضرت سَيّدُنا حڪيم لقمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن پنهنجي صاحبزادي کي وَصيت ڪندي ارشاد فرمايو: اي منهنجا پُٽ! جڏهن تون ڪنهن اهڙي گروھ کي ڏسين جو اهي اللھ عَزَّوَجَلَّ جو ذِڪر ڪندا هجن ته انهن جي صُحبت اِختيار ڪر، ان لاءِ جو جيڪڏهن تون عالِم به هوندين ته تنهنجو علم وڌيڪ فائدو ڏيندو ۽ جيڪڏهن تون جاھل هوندين ته اهي توکي علمِ دين سيکاري ڇڏيندا ۽ جڏهن اللھ عَزَّوَجَلَّ جي رحمتن جو وسڪارو انهن تي وسندو ته توکي به انهن جي صُحبت ۾ ھئڻ جي سبب ان مان حصو ملندو ۽ اهڙي مجلس ۾ نه ويهجان جتي اللھ عَزَّوَجَلَّ جو ذِڪر نه هجي، ان لاءِ جو جيڪڏهن تون عالِم به هوندين ته تنهنجو علم فائدو نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن تون جاھل هوندين ته انهن جي