Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

انهن کي تفسير، حديث ۽ فقه ۾ خُصُوصي دلچسپي هئي۔ فقهي جُزئيات (مسئلا) ھميشه بر زبان رهندا هئا۔ ان جي ڪري اُن وَقت جي مُجدِّدِ اعظم، اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن توهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي’’صَدرُالشريعه‘‘ جو عظيم لَقب عطا فرمايو هو. (صدر الشريعه ص نمبر ۱۹۲) صَدرُ القَوم عربي زبان ۾ قوم جي سڀ کان اَفضل ۽ سڀ کان محترم شخص کي چيو ويندو آهي، ان لاءِ صَدرُ الشريعه کا مَطلَب اهو ئي ٿيندو ته شريعت ڄاڻڻ وارن (يعني عُلماء) ۾ سڀ کان بُزرگ ۽ اعلٰي شخص۔

(حاشيہ عمدة الرعايہ بر شرح وقايہ،ص۵۰)

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي توهان کي ڏنل لَقب مان ظاھر ٿئي ٿو ته واقفِ اَسرارِ شريعت، امامِ اَھلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي به صَدرُ الشريعه، بدرُ الطّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي عَلَيْه رَحْمَةُ اللهِ الْغَنِی جي جلالتِ علمي (يعني علمي شان و شوڪت) جو اِعتِراف هو، ان جي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه صاحبِ بھارِ شريعت مفتي امجد علي اعظمي عَلَيْه رَحْمَةُ اللهِ الْغَنِی کي اهڙي عظيم الشَّان لَقب سان مُشرَّف فرمائي ڪري انهن جي جَلالَتِ علمي جو اِظھار ڪيو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مبارڪ عادتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بي شڪ صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پُوري زِندگي اسان جي لاءِ رهنما آهي۔ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شاگردن مان جنهن سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت کي اپنايو، ان ڪاميابي حاصل ڪئي۔ باني اَلجامِعةُ الاَشرفيہ مبارڪ پُور ھند حافظِ ملّت حضرت مولانا شاھ عبدُ العزيز مُحدِّث