Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

هڪ حاضري رهجي وئي!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ماھـهِ شَوّالُ المُڪَرَّم پنهنجي رَحمتن ۽ بَرڪتن جي بهار لٽائيندو اختتام جي طرف وڌي رهيو آهي ۽ ان کان پوءِ ماھـِه ذُوالقَعدةُ الحرام جي آمد آمد آهي۔ هي اهو مُبارَڪ مهينو آهي، جنھن جي ٻين رات دُنياءِ سُنيت جا عظيم پيشوا، سُنين جا رَہبَر ۽ رَہنما، آسمانِ رَضويت جا چمڪندڙ ستارا، خليفہء اَعليٰ حضرت، مُصنّفِ بہارِشريعت، صَدرُالشَّريعہ، بدرُ الطّريقہ حضرتِ علامہ مفتي اَمجد علي اعظمي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡغَنِی جن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو فرمايو۔ يعني 2 ذُوالقَعدةُ الحرام تي سندن عرس مبارڪ آهي، اچو ته! انهيءَ نسبت سان صَدرُالشَّريعہ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مبارڪ زندگي جي مختلف گوشن جا پيارو ذڪر ٻُڌون ٿا۔ سڀ کان پهريان نهايت ايمان اَفروز حڪايت ٻُڌون ٿا، جيئن ته

حضرت صَدرُالشَّريعہ، مُفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اجمير شريف ۾ هڪ ڀيري شديد بُخار ۾ مُبتَلا ٿي ويا، ايستائين جو غَشي طاري ٿي وئي۔ ٻنپہرن کان پهريان غَشي طاري ٿي ۽ عَصر تائين رهي۔ حافِظِ ملّت مولانا عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خدمت جي لاءِ حاضِر ٿيا، صدرُ الشَّريعہ، بَدرُ الطّريقہ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي جڏهن ہوش آيو تو سڀ کان پهريان هي پڇيائون: ڇا وقت ٿيو آهي؟ ظُہر جو وَقت آهي يا نه؟ حافِظِ ملّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن عرض ڪيو ته هي ٽائم ٿيو آهي، هاڻي ظُہر جو وَقت ناهي۔ هي ٻڌي ڪري ايتري تڪليف پهتي جو اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا ۔حافِظ ملّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پڇيو: ڇا توهان کي ڪٿي سُور آهي، ڪٿي تڪليف آهي؟ فرمايائون: (تمام وڏي) تڪليف آهي ته۔۔۔۔۔۔ ظُہر