Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خُلاصو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان صَدرُ الشريعه، بَدرُ الطريقه مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مبارڪ زندگي جي مُتَعَلِّق بيان ٻڌڻ جي سَعادت حاصل ڪئي سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پُوري زِندگي اِخلاص ۽ لِلّٰہِیَّت جي تصوير نظر ايندي رهي. سڄي عُمر توهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شَجرِ اسلام جي آبياري جي ڪوشش ۾ مصروف رهيا. دين اسلام جي سَر بُلندي جي لاءِ نه صِرف توهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان قرآن جي ترجمي لکڻ جي خواھش ڪئي بلڪه ان خواھش کي پورو ڪري ”ترجمهء ڪنزالايمان“ جي صُورت ۾ بعد ۾ اچڻ وارن کي هڪ خَزانو عطا فرمائي ڇڏيو، اهڙي طرح ”بھارِ شريعت“ جهڙي عظيم الشان ڪتاب جي تصنيف فرمائي ڪري مُسلمانن کي پنهنجي زندگي شريعت جي مُطابق گذارڻ جو سامان فَراھم فرمايو۔ ان سان گڏوگڏ پوري دنيا ۾ دين اسلام جي حِمايت ۽ نُصرت ۽ ان جي تبليغ جي لاءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي لائق ۽ محنتي شاگردن جو به هڪ وڏو تعداد تيار ڪيو آهي. اللھ عَزَّوَجَلَّ صَدر ُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صَدقي اسان کي به دين جي سَربُلندي ۽ شريعت جي مُطابق زندگي گُذارڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد