Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

تَخريج ۽ آسان ۽ ڪٿي ڪٿي حَاشيو لکڻ جي به ڪوشش فرمائي آهي ۽ اَلْحَمْدُلِلّٰھ عَزَّوَجَلَّ مڪمل ڪتاب مڪتبة المدينه کان شايع ٿي ڪري منظرِ عام تي به اچي چڪو آهي. سادي ايڊيشن ٽن (3) جلدن ۾ ۽ رنگين ڏاج ايڊيشن ڇھ (6) جلدن ۾ مڪتبة المدينه کان هديو ڏئي حاصل ڪري سگھجي ٿو. ان کان علاوه دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ان ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙهي) به سگھجي ٿو، ڊائون لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ترجمه ڪنزالايمان جو تحفو:

صَدرُالشريعه، بَدرُ الطّريقه مفتي اَمجد علي اعظمي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡغَنِی جن بريلي شريف ۾ قيام جي دوران صحيح ۽ غلطين کان پاڪ اَحاديثِ نَبويّه ۽ اَئمّه جي اقوالن جي مُطابق هڪ ترجمي جي ضَرورت محسوس ڪندي قرآنِ پاڪ جي ترجمي جي لاءِ اَعليٰ حضرت عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ ربّ العزّت جي بارگاھِ عظمت ۾ دَرخواست پيش ڪئي ته اِرشاد فرمايو: ’’هي ته تمام ضَروري آهي پر ڇپجڻ جي ڇا صُورت ھوندي؟ ان جي طباعَت جو ڪير اِھتِمام ڪندو؟ باوُضو ڪاپين کي لکڻ، با وُضو ڪاپين ۽ اکرن کي صحيح ڪرڻ ۽ تصحيح به اهڙي ھجي جو اِعراب نُقطا يا علامتن جي به غلطي نه رهي، پوءِ هي سڀ شيون ٿي وڃڻ کان بعد سڀ کان وڏي مُشڪل ته هي آهي ته پريس ۾ ھر وَقت باوُضُو رهي، بِغير وُضو نه پٿر کي هٿ لڳائي ۽ نه ڪَٽي، پٿر ڪٽڻ ۾ به اِحتياط ڪئي وڃي ۽ ڇپجڻ ۾ جيڪي جوڙيون نڪرنديون آهن ان کي به وڏي احتياط سان رکيو وڃي.