Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

ثواب ملندو رهندو ۽ ان جي ذريعي جيترا به نيڪ بڻجندا ويندا انهن سڀني جي عملن جي مُطابق اسان کي ثواب ملندو رهندو.

سُنَّتوں کی کروں خُوب خدمت

 

ہر کسی کو دُوں نیکی کی دعوت

نیک میں بھی بنوں اِلْتِجا ہے

 

یاخُدا!تجھ سے میری دُعا ہے

(وسائلِ بخشش،ص۱۳۹)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

گھر جو ڪم:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪ عمل ڪرڻ گڏوگڏ اسان کي پنهنجي انداز ۾ به تبديلي آڻڻ گھرجي. ٻين کي گُھورڻ، جهڻڪڻ، ڳالھ ڳالھ تي جهيڙي جهڳڙي جي عادت ڪڍي پنهنجي اندر نرمي، عاجزي ۽ اِنڪساري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. اسان جا اَسلاف عاجزي ۽ اِنڪساري ۾ پنهنجي مثال پاڻ هوندا هئا. حضرت صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تمام وڏا عالِمِ دين ۽ فقيه (علمِ فقه جو عالِم) هئڻ جي باوُجُود به عاجزي ۽ اِنڪساري جا پيڪر هئا، انهن جي عاجزي ۽ سنتن سان مَحَبَّت ئي هئي جو اُستاذُ الاَساتِذه (استادن جا استاد يعني تمام وڏا استاد) هئڻ جي باوجود گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪندا هئا. گھر ۾ ڀاڄيون ڇِليندا، ڪٽيندا ۽ ٻيا ڪم به ڪندا هئا. پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت تي عمل ڪندا هئا. گھر جي ڪم ڪار کان ڪنهن قِسم جو شرم محسوس نه فرمائيندا هئا بلڪه سُنَّت تي عمل ڪرڻ جي نيت سان بَخُوشي سڀ ڪم اَنْجام ڏيندا هئا. (سيرتِ صدر الشريعه، ص۱۰۱) اسان کي به گھرجي ته جڏهن به ٿي