Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

اَميرِ اَھلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ھر ڪوشش جو مقصد راھ راست تا ڀٽڪيل ماڻهن کي راھ تي آڻڻ ۽ انهن کي سنتن جو پابند بنائڻ آهي. اَلۡحَمۡدُلِلّٰھ عَلٰي اِحۡسَانِھٖ بي شمار اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون توهان دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ان مدني مُذاڪرن جي ذريعي گُناھن کان تائب ٿي ڪري اسلامي تعليمات کي اپنائڻ وارا ٿي چُڪا آهن. اچو ته! توهان جي ذَوق اَفزائي جي لاءِ هڪ مدني بھار ٻڌايان ٿو:

فيشن پرست ڪيئن سڌريو!

لَيّه شھر (صوبو پنجاب، پاڪستان) جي مُقيم هڪ نوجوان جو بيان آهي ته آئون سنتن کان پَري فيشن جي نَشي ۾ چُور هئس، نوان نوان عجيب و غريب انداز وارا ڪپڙا پائڻ، فُضُول ڪمن ۾ پنهنجا قيمتي لمحا ضايع ڪرڻ منهنجو معمول هو. ذِڪرِ الٰھي کان بلڪل غافل ٿي چڪو هئس، نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جو ذِھن ڪجھ هن طرح بڻيو جو هڪ ڀيرو’’مدني مُذاڪرو‘‘ٻڌڻ جي سَعادت حصي ۾ ڇا آئي، منهنجي زندگي جو رُخ ئي بدلجي ويو. اميرِاَھلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي آسان اَنداز ۾ بيان ٿيڻ واري بي شمار مَعلُومات جو’’اَنمول خزانو‘‘ لُٽڻ جو سُنھري موقعو مليو، خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي جي روشني سان منهنجي ڪاري دل روشن ٿي وئي، گذريل زندگي تي شرمندگي ٿيڻ لڳي، مون پنهنجي بقايا زندگي کي غنيمت ڄاڻيندي فيشن جي نحوست کان جان ڇڏائي ۽ سنتن تي عمل ڪرڻ ۽ نمازن جي پابندي جو پڪو ارادو ڪري ورتو، جلد ئي مٿي تي سائو سائو عمامو شريف سجائي ورتو، ڏاڙهي شريف سان چھرو پر نُور ڪري ورتو ۽ نيڪين تي