Faizan e Ramazan

Book Name:Faizan e Ramazan

پيارا ا سلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان جي خوش قسمتي آهي جو زندگي ۾ هڪ ڀيرو وري عظمَت وارو، رحمت وارو، برڪت وارو، مغفرت وارو مهينو ماھِ رمضان ڪريم تشريف کڻي اچي رهيو آهي.

مرحبا! صد مرحبا! پھر آمدِ رمضان ہے                                      کِھل اُٹھے مُرجھائے دِل، تازہ ہوا اِیمان ہے

یاخُدا ہم عاصیوں پر یہ بڑا اِحْسان ہے                                         زِندگی میں پھر عطا ہم کو کیا رمضان ہے

اَبْرِ رحمت چھا گیا ہے اور سماں ہے نور نور     فَضْلِ رَبّ سے مغفرت کا ہو گیا سامان ہے

ہر گھڑی رَحْمت بھری ہے، ہر طرف ہیں برکتیں                                     ماہِ رمضاں رحمتوں اور برکتوں کی کان ہے

یاالٰہی! تُو مدینے میں کبھی رمضاں دکھا                                    مُدَّتوں سے دِل میں یہ عطّار کے ارمان ہے([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! ماھِ رَمَضَان جي فيضَان جو ڇا چئجي! ان جي ته هر گهڙي رحمت ڀري آهي. هن مهيني ۾ اَجر ۽ ثَواب تمام گهڻو وڌي ويندو آهي. نَفل جو ثواب فَرض جي برابر ۽ فَرض جو ثواب 70 ڀيرا وڌايو ويندو آهي بلڪه هن مهيني ۾ ته روزيدار جو سمهڻ به عبادت ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. عَرش کڻڻ وارا فِرِشتا روزيدارن جي دُعا تي آمين چوندا آهن.

عبادت جو دروازو

روزو باطِني عِبادت آهي، ڇوته اسان جي ٻڌائڻ جي بغير ڪنهن کي هي عِلم نٿو ٿي سگهي ته اسان جو روزو آهي ۽ الله پاڪ باطِني عِبادت کي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:705-706 ملتقطًا۔