Faizan e Ramazan

Book Name:Faizan e Ramazan

قبر جو خوفناڪ منظر!

هڪ ڀيرو مسلمانن جي چوٿين خليفي مولا علي شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ زِيارَتِ قُبُور لاءِ ڪوفي جي قَبرِستان تشريف کڻي ويا. اتي هڪ تازي قَبر تي نظر پئي. پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي ان جي حالت معلوم ڪرڻ جي خواهِش ٿي. جيئن ته بارگاھِ خُداوندي ۾ عَرض گُذار ٿيا: اي الله پاڪ! هن مَيِّت جون حالتون مون تي ظاهِر فرماءِ. الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سندن التجا فوراً ٻڌي وئي ۽ ڏسندي ڏسندي سندن ۽ ان مُردي جي وچ ۾ جيترا پردا حائل هئا سمورا هٽايا ويا. هاڻي هڪ قَبر جو خوفناڪ منظر سندن سامهون هو. ڇا ٿا ڏسن ته مُردو باھ ۾ گهيريل آهي ۽ رُوئي رُوئي ڪري پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان هن طرح فرياد ڪري رهيو آهي:

يَاعَلِيُّ! اَنَا غَرِيْقٌ فِی النَّارِ وَحَرِيْقٌ فِی النَّارِ

يعني اي مولا علي شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ! مان باھ ۾ ٻڏل آهيان ۽ باھ ۾ سڙي رهيو آهيان. قَبر جي دَہشت ناڪ منظر ۽ مُردي جي درد ناڪ پُڪار حيدرِ ڪرّاررَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي بي قرار ڪري ڇڏيو. پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجي رَحمت واري پروَردگار جي درٻار ۾ هٿ کنيا ۽ نهايت ئي عاجِزي سان ان مَيت جي بخشش لاءِ درخواست پيش ڪئي. غيب مان آواز آيو: اي علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ! اوهان (رَضِیَ اللهُ عَنْہُ) ان جي سفارش نه فرمايو ڇوته هي شخص روزا رکڻ جي باوُجُود رمضان ڪريم جي بي حُرمتي ڪندو هو، رمضان ڪريم ۾ به گُناهن کان باز نه ايندو هو. ڏينهن جو روزو ته رکي وٺندو هو پر راتين جو گُناهن ۾ مُبْتَلا