Book Name:Faizan e Ramazan
پاڪ اِحتِرامِ رَمَضان جي بَرَڪت سان مون کي ايمان جي دولت سان ۽ مرڻ کان پوءِ جنّت سان سرفَراز فرمايو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان؟ رمضان ڪريم جي تعظيم جي سَبَب هڪ باھ جي پوڄاري کي الله پاڪ نه صرف اِيمان جي دَولت سان نَوازيو بلڪه ان کي جنّت جي لازَوال نعمتن سان به مالا مال فرمايو. هن واقِع مان خُصوصاً اسان جي انهن غافِل اِسلامي ڀائرن کي عبرت جو دَرس حاصِل ڪرڻ گهرجي جيڪي مسلمان هئڻ جي باوُجُود رمضان ڪريم جو بلڪل اِحتِرام ناهن ڪندا. پهريان ته هو روزا ناهن رکندا، پوءِ چوري ۽ سينه زوري اهڙي جو روزيدارن جي سامهون ئي سگريٽ جا ڪش هڻندا، پان چٻاڙيندا، ايستائين جو ڪجھ ته ايترا بيباڪ ۽ بي مُروَّت هوندا آهن جو سرِ عام پاڻي پيئندا بلڪه کاڌو کائيندي به ناهن شرمائيندا. ياد رکو! رمضان ڪريم ۾ ڏينهن جو بغير ڪنهن مجبوري جي اعلانيه طور تي ڄاڻي واڻي کائڻ واري لاءِ شريعت ۾ انتهائي سخت سزا آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانو! هوش ۾ اچو! ڪيترو وقت هن دنيا ۾ عيش ۽ عشرت ڪندا رهندا؟ ؟ ڇا اسان کي مرڻو ناهي؟ ڇا هن دنيا ۾ هميشه اهڙي طرح آوارا ڦرندا وتنداسين؟ ياد رکجو! ڪڏھن نہ ڪڏھن موت ضرور ايندو ۽ اسان جي حياتيءَ جو ناتو ڇني، اسان کي نرم ۽ آرامده وڇاڻن تان