Faizan e Ramazan

Book Name:Faizan e Ramazan

بلڪه هن قِسْم جي راندين جو اکين ڏٺو حال (Commentary) به ناهن ٻڌندا. تنهنڪري انهن حَرَڪتن کان هميشه بچڻ گهرجي ۽ خُصُوصاً رمضان ڪريم جا بابرڪت لَمحات ته هرگز هرگز اهڙي طرح برباد نه ڪرڻ گهرجن.

روزي ۾ وقت گذارڻ لاءِ

 ڪافي نادان اهڙا به ڏٺا ويندا آهن جيڪي توڙي جو روزو ته رکي وٺندا آهن پر پوءِ انهن ويچارن جو وَقت ناهي گذرندو. تنهنڪري اهي به اِحتِرامِ رَمَضان شريف کي هڪ طرف رکي حرام ۽ ناجائز ڪمن جو سَهارو وٺي وَقت گذاريندا آهن ۽ اهڙي طرح رَمَضان شريف ۾ شَطرَنج، تاش، لُڊّو، ڳائڻ وڄائڻ وغيره ۾ مشغول ٿي ويندا آهن. ياد رکو! شَطرنج ۽ تاش وغيره تي ڪنهن قِسم جي بازي يا شَرط نه به لڳائي وڃي ته به هي رانديون نا جائز آهن بلڪه تاش ۾ ڇو ته جاندارن جون تصويرون به هونديون آهن ان ڪري منهنجي آقا اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  تاش کيڏڻ کي مُطلقاً حرام لکيو آهي. ([1])

گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!                                                                               بُری عادتیں بھی چُھڑا یاالٰہی!

خطاؤں کو میری مٹا یاالٰہی!                                                                                     مجھے نیک خَصلت بنا یاالٰہی!

مُطِیع اپنا مجھ کو بنا یاالٰہی!                                                                                                   سدا سُنّتوں پر چلا یاالٰہی!([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، رمضان ڪريم اچي رهيو آهي، الله پاڪ اسان کي ماھِ رمضان تائين پهچڻ به نصيب ڪري ۽ هن مبارڪ مهيني جي قدر ڪرڻ جي به توفيق نصيب فرمائي. يقينن خوش نصيب اهو آهي جيڪو ماھِ رمضان کي ماڻي ۽ ان جي صدقي پنهنجي


 

 



[1]... فتاویٰ رضویہ، جلد:24، صفحہ:141۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:100۔