Faizan e Ramazan

Book Name:Faizan e Ramazan

رهندو هو. مَولا عليُّ المُرتَضٰی شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هي ٻڌي وڌيڪ غمگين ٿي ويا ۽ سَجدي ۾ ڪري رَوئي رَوئي ڪري عرض ڪرڻ لڳا: اي الله پاڪ! منهنجي لڄ تنهنجي هٿ ۾ آهي، هن ٻانهي وڏي اُمّيد سان مون کي پُڪاريو آهي، منهنجا مالِڪ ڪريم! تون مون کي ان جي اڳيان رُسوا نه فرماءِ، ان جي بي وسي تي رَحم فرماءِ ۽ ان کي بَخشي ڇڏ. حضرت علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ روئي روئي ڪري مُناجات ڪري رهيا هئا. الله پاڪ جي رَحمت جو درياء جوش ۾ اچي ويو ۽ آواز آيو: اي علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ! اسان توهان جي دل ٽٽڻ جي ڪري ان کي بخشي ڇڏيو. بهرحال ان مُردي تان عذاب کنيو ويو. ([1])

کیوں نہ مُشکِل کُشا کہوں تم کو!

تم نے بگڑی مِری بنائی ہے

رمضان جي راتين ۾ رانديون

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان عبرت جو درس حاصِل ڪيو. افسوس! صد افسوس! رمضان ڪريم جي پاڪيزه راتين ۾ ڪيترائي نوجوان محلي ۾ ڪرڪيٽ، فُٽ بال وغيره جون رانديون کيڏيندا، خوب شور مچائيندا آهن ۽ اهڙي طرح هي بد نصيب پاڻ ته عِبادت کان محروم رهندا ئي آهن، ٻين لاءِ به بي حد پريشاني جو باعِث بڻجندا آهن. نه پاڻ عِبادت ڪندا آهن نه ٻين کي ڪرڻ ڏيندا آهن. هن قِسْم جون رانديون الله پاڪ جي ياد کان غافِل ڪرڻ واريون آهن. نيڪ ماڻهو ته انهن راندين کان هميشه پري ئي رهندا آهن. پاڻ کيڏڻ ته پري جي ڳالھ اهڙيون رانديون ۽ تماشا ڏسندا به ناهن


 

 



[1]... انیسُ الْواعِظین، صفحہ:25-26۔