Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
ان کي نائب بڻائيندين جيڪو ان ۾ فساد پکيڙيندو ۽ رت وهائيندو حالانڪه اسان تنهنجي حمد ڪندي تنهنجي تسبيح ڪندا آهيون ۽ تنهنجي پاڪائي بيان ڪندا آهيون: بيشڪ مان اهو ڄاڻان ٿو جيڪو توهان نه ٿا ڄاڻو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پياريو اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 1، سورت بقره، آيت: 30 ۽ ان جو ترجمو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيت کان سورت بقره جو چوٿون رڪوع شروع ٿي رهيو آهي، هن پوري رڪوع ۾ اَبُوالۡبشر حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام جي پيدائش کان وٺي زمين تي تشريف کڻي اچڻ تائين جو تفصيلي واقعو ذڪر ڪيو ويو آهي. وڏو مشهور واقعو آهي، اسان عموماً ٻڌندا به رهندا آهيون ۽ قرآن ڪريم ۾ به ڪيترن ئي هنڌن تي مختلف انداز سان هي واقعو بيان ٿيو آهي. هن واقعي جي حوالي سان اڄ جيڪا آيت ڪريمه اسان ٻڌي آهي، ان ۾ حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام ۽ انهن جي واسطي سان انهن جي اولاد جو هڪ اهم منصب بيان ڪيو ويو آهي.
الله پاڪ فرمايو:
وَ اِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلٰٓىٕكَةِ(سيپارو: 1، البقرة: 30)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ياد ڪريو جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي فرمايو:
قرآن ڪريم ۾ تمام گهڻا اهڙا مقام آهن جو جڏهن ماضيءَ جا واقعا بيان ڪيا ويندا آهن ته ارشاد ٿيندو آهي: وَ اِذْ يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ياد ڪريو! ڪجھ مقامن تي ارشاد ٿيندو آهي: اَلَمْ تَرَ يعني اي محبوب! ڇا اوهان نه ڏٺو. ([1]) هر ذي شعور، معمولي عقل رکندڙ به اهو سمجهي سگهي ٿو ته جڏهن سامهون وارو واقعي کي اڳي ئي ڄاڻيندو هجي يا پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو هجي، ان وقت چئبو آهي: اهو، فلاڻو واقعو ياد ڪر! اهو واقعو جيڪو اوهان ڏٺو هو.