Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
اسان تڏهن ئي هن منصب جا حقدار بڻجي سگهنداسين جڏهن ان جي لاءِ محنت ڪنداسين، پنهنجي اندر هن منصب جي اهليت پيدا ڪنداسين. شيخ ابن عربي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا ولي الله آهن، تمام وڏي علمي شخصيت آهن، پاڻ هن آيت ڪريمه جي تفسير ۾ پورو ڪتاب لکيو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: نبوت ڪسبي ناهي (يعني ٻانهو پنهنجي محنت سان نبي نٿو بڻجي سگهي بلڪه نبوت جو درجو الله پاڪ جي فضل سان ملندو آهي) جڏهن ته منصبِ خلافت (جنهن جو هن آيت ڪريمه ۾ ذڪر آهي) هي ڪسبي آهي (اسان پنهنجي محنت سان، پنهنجي اندر ان جي اهليت پيدا ڪري به هي درجو حاصل ڪري سگهون ٿا). ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! انسان جو سڀ کان پهريون تعارف اهو ئي منصب آهي، ڪهڙو؟
اِنِّیْ جَاعِلٌ فِی الْاَرْضِ خَلِیْفَةًؕ-(سيپارو: 1، البقرة: 30)
ترجمو ڪنزُ العرفان: آءُ زمين ۾ پنهنجو نائب بڻائڻ وارو آهيان.
معلوم ٿيو: This is the real status of man هي انسان جو اصل اسٽيٽس آهي. اسان کي ڇا بڻايو ويو آهي؟ زمين تي خليفو. مان ڊاڪٽر بڻجان يا نه بڻجان، مالدار بڻجان يا نه بڻجان، سيٺ بڻجان يا نه بڻجان، ڀلي مان پوري دنيا کي پنهنجي مٺ ۾ بند ڪري وٺان، جيڪڏهن مان پاڻ کي هن خلافت جو اهل نه ٿو بڻايان ته ان جو مطلب هيءُ ٿيندو ته مون دنيا ۾ اچي ڪجهه به نه ڪيو ڇو ته منهنجو جيڪو اصل اسٽيٽس هو، اصل ۾ جنهن منصب جي لاءِ مون کي هتي موڪليو ويو هو، اهو ته مون حاصل ئي نه ڪيو. ان ڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان جو جيڪو اصل اسٽيٽس آهي، اهو اصل منصب جنهن جو اظهار الله پاڪ اسان جي تخليق کان به پهرين فرشتن جي سامهون فرمايو هو، اسان هن منصب کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، پنهنجي اندر جي اهليت پيدا ڪريون. تنهنڪري هن آيت ڪريمه جي ضمن ۾ 2 ڳالهيون اسان