Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
جي حڪمن کي زمين تي نافذ ڪرڻ، سادي لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته حڪمت عملي سان پنهنجي طاقت ۽ اختيار موجب پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ اسان سڀني جي بنيادي ذميواري آهي. تنهنڪري اسان سڀني کي هي ذميواري ضرور نڀائڻ گهرجي، اسان هن حقيقت کي دل سان تسليم به ڪريون ۽ ان جو احساس به دل ۾ پيدا ڪريون.
يقيناً هن منصب کي نڀائڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته اسان پنهنجي اندر هن منصب جي اهليت پيدا ڪريون. هن حوالي سان علماءِ ڪرامرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم گهڻيون ڳالهيون لکيون آهن، اهي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايندڙ جُمعةُ الۡمبارڪ تي ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اوقاتِ نماز موبائل ايپلي ڪيشن جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوت اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن بنام اوقات نماز (Prayer Times) جاري ڪئي آهي. هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي دنيا جي ڪنهن به جڳھ جي نماز جي وقتن ۽ قبلي جي رخ جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان کان علاوه پنجن نمازن جي وقتن جو ماهوار ٽائم ٽيبل، اذڪار (روحاني علاج)، مدني چينل ريڊيو، نماز جي وقتن ۾ موبائل کي سائلنٽ (Silent) ڪرڻ جي سهولت ۽ اسلامي ڪئلينڊر موجود آهي. پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو: