Insan Aur Mansabe Khilafat

Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat

صحيح ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)

مسئلو: ٻرندڙ باھ جي سامهون نماز پڙهڻ مڪروه آهي.

 وضاحت: سياري ۾ عام طور تي نمازين جو خيال رکندي مسجدن ۾ هيٽر لڳايا ويندا آهن، ڪجهه ماڻهو هيٽر جي سامهون نماز پڙهڻ ۾ هن ڪشمڪش ۾ هوندا آهن ته ڪٿي مجوسين (يعني باھ جي پوڄا ڪندڙن) سان مشابهت ته ناهي ٿي رهي؟ ياد رکو! هيٽرن ۾ عام طور تي هڪ ڄاري لڳل هوندي آهي ۽ اها ڄاري باھ جي ڪري ڳاڙهي ٿي ويندي آهي، تنهنڪري جيڪڏهن نمازي جي سامهون اهڙو هلندڙ هيٽر هجي، ته ان ۾ ڪراهت ناهي. ([1]) سيدي اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: شمع يا ڏيئو يا قنديل يا ليمپ يا لالٽين يا فانوس نماز ۾ سامهون هجن ته ڪراهت ناهي جو انهن جي عبادت ناهي ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڀڙڪندڙ باھ ۽ ڌڪندڙ ٽانڊن جي تنور يا بٺي يا چُلهو يا اڱيٺي سامهون هجن ته مڪروه آهي جو مجوسي (يعني باھ جي پوڄا ڪندڙ) انهن جي پوڄا ڪندا آهن. ([2]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اسماء الحسنى جون برڪتون (وظيفو)

یَا بَاعِثُ

جيڪو به حڪيم جي سامهون وڃڻ کان پهريان 7 ڀيرا يَا بَاعِثُ پڙهي پنهنجي مٿان ڦوڪيندو ته  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  حاڪم مهربان ٿيندو. ([3]) الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔



[1]... دار الافتاء اہلسنت  غیر مطبوعہ،فتویٰ نمبر:Aqs-1768۔

[2]... فتاویٰ رضویہ، جلد:24، صفحہ:619۔

[3]...مدنی پنج سورہ، صفحہ:253۔