Insan Aur Mansabe Khilafat

Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat

لَلڪاري چيو: اوهان ڪير ٿيندا آهيو منهنجي ملازمن جي محنت ضايع ڪرڻ وارا؟ پاڻ وڏي اطمينان سان فرمايائون: مان مُحۡتَسِب (يعني نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ وارو) آهيان ۽ مون پنهنجو منصبي فرض ادا ڪيو آهي. خليفي چيو: اوهان کي ڪنهن مُحتسب مقرر ڪيو آهي؟ فرمايائون: ان (رب قدير) جنهن اوهان کي تاج و تخت عطا ڪيو آهي. هي ٻڌي خليفي مٿو جهڪائي ڇڏيو. ان کان پوءِ خليفي چيو: سائين! اڄ کان مان به اوهان کي مُحۡتسِب جو عهدو ڏيان ٿو. ان تي پاڻ فرمايائون: جڏهن هي منصب مون کي الله پاڪ عطا فرمايو آهي ته مان ڪنهن ٻئي کان هي عهدو ڇو قبول ڪريان؟ هي چئي پاڻ واپس تشريف کڻي ويا. ([1])

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! جنهن کي دل سان احساس ٿي وڃي ته منهنجو اصل منصب، منهنجو اصل تعارف اهو ئي آهي ته مون کي (پنهنجي طاقت جي برابر، حڪمت عملي سان) زمين تي الله پاڪ جا احڪام نافذ ڪرڻا آهن، پوءِ اهو ڪٿي به هجي، ڪنهن منصب، ڪنهن عهدي، ڪنهن جاءِ تي هجي، ان جي نظر پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح تي ئي رهندي آهي. تنهنڪري اسان به پنهنجي اندر هي احساس پيدا ڪيون، دل سان هي تسليم ڪري وٺون ته اسان دنيا ۾ جيڪو به بڻجڻ چاهيون، جائز طور تي بڻجي وڃون پر اسان جتي به هونداسين، اسان جو اصل منصب خلافت آهي، لهٰذا ان ذميواري کي اسان کي هر وقت ئي نڀائيندي رهڻو آهي.

یانبی! نیکی کی دعوت کی تڑپ                                                                          ہو کسی صورت نہ کم چشمِ کرم([2])

نيڪي جي دعوت جي فضيلتن تي حديثون

* الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا مان اوهان کي اهڙن ماڻهن بابت خبر نه ڏيان جيڪي نه نبي آهن نه شهيد پر قيامت


 

 



[1]... سیرت غوث الثقلین، صفحہ:52-53 خلاصۃً۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:255۔