Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
سڀ کان پهريون ڪم اهو ته اسان هن حقيقت کي تسليم ڪري وٺون ته اسان جو اصل منصب اهو ئي آهي. اسان وٽ تمام گهڻا ماڻهو هن ڳالهه کي تسليم ئي ناهن ڪندا. ڪنهن کي ڊاڪٽر بڻجڻو آهي، ڪنهن کي پائليٽ بڻجڻو آهي، ڪنهن کي تاجر بڻجڻو آهي، ڪنهن کي مالدار ٿيڻ جو شوق آهي، ڪنهن کي ڪارُن، بنگلن جو شوق آهي...!! مڃيوسين ته هي سڀ شيون هڪ حد تائين دنيا جي ضرورتن مان آهن پر ان جو مطلب اهو ته ناهي ته اسان پنهنجي اصل منصب، پنهنجي پهرين تعارف کي ويساري ئي ڇڏيون. جيڪڏهن اسان کي هن شيءِ جو احساس ٿي وڃي، اسان دل سان تسليم ڪري وٺون ته منهنجو اصل منصبِ خلافت (يعني زمين تي الله پاڪ جا احڪام نافذ ڪرڻ جي لاءِ پوري طاقت سان ڪوشش ڪرڻ) آهي، پوءِ اسان ڊاڪٽر جي ڪرسي تي ويهي به هي ڪم ڪري سگهون ٿا، پائليٽ بڻجي به نيڪي جي دعوت عام ڪري سگهون ٿا، دورانِ تجارت به پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. ضرورت صرف هن ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي هن منصب جو احساس پنهنجي اندر پيدا ڪري وٺون.
مون کي الله پاڪ محتسب بڻايو آهي
حضور غوثِ اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا والد محترم حضرت موسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو واقعو وڏو مشهور آهي، پاڻ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ ۾ تمام مشهور هئا، هڪ ڏينهن پاڻ مسجد جي طرف وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ خليفهءِ وقت جا ڪجھ ملازم ڏٺا جيڪي شراب جا مٽڪا کڻي وڃي رهيا هئا، سندن غيرتِ ايمانيءَ هي ڳالهه گوارا نه ڪئي، لهٰذا پاڻ جلال ۾ اچي اُهي مٽڪا ڀڃي ڇڏيا. هي ڳالهه خليفي تائين پهچي وئي. خليفو تمام ڪاوڙيو ۽ چِڙ مان چيائين: موسٰي (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه) کي فوراً درٻار ۾ پيش ڪيو! پيغام پهچي ويو، پاڻ تشريف کڻي آيا. خليفي