Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
جي ڏينهن انبياءِ ڪرام عَلَيْهِم السَّلَام ۽ شهدا انهن جي مقام کي ڏسي حسرت ڪندا، اهي ماڻهو نور جي منبرن تي بلند هوندا، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي الله پاڪ جي ٻانهن کي الله پاڪ جو محبوب (يعني پيارو) ٻانهو بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ اهي زمين تي (ماڻهن کي) نصيحتون ڪندا هلندا آهن. عرض ڪيو ويو: اهي ڪيئن ماڻهن کي الله پاڪ جو محبوب (يعني پيارو) بڻائي ڇڏيندا آهن؟ فرمايو: اهي ماڻهن کي الله پاڪ جي محبوب (يعني پسنديده) ڳالهين جو حڪم ڏيندا آهن ۽ الله پاڪ جي ناپسنديده ڳالهين کان منع ڪندا آهن، پوءِ جڏهن ماڻهو انهن جي اطاعت ڪندا ته الله پاڪ انهن کي پنهنجو محبوب بڻائي وٺندو. ([1]) * الله پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو هدايت جي طرف سڏي ان کي سڀني عاملن (يعني عمل ڪرڻ وارن) جيان ثواب ملندو ۽ ان مان انهن (عمل ڪرڻ وارن) جي پنهنجي ثواب کان ڪجهه گهٽ نه ٿيندو. ۽ جيڪو گمراهي جي طرف سڏي ته ان تي سڀني پيروي ڪرڻ وارن گمراهن جي برابر گناهه ٿيندو ۽ اهو انهن جي گناهن کان ڪجهه گهٽ نه ڪندو. ([2]) * امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو حضرت موسيٰ ڪليم الله عَلَيْهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: اي منهنجا الله پاڪ! جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي نيڪي جو حڪم ڪري ۽ برائي کان روڪي. ان جي جزا ڇا آهي؟ الله پاڪ فرمايو: مان ان جي هر ڪلمي جي بدلي هڪ هڪ سال جي عبادت جو ثواب لکندو آهيان ۽ ان کي جهنم جي سزا ڏيڻ ۾ مون کي حيا ايندي آهي. ([3]) * هڪ ٻي روايت ۾ آهي: الله پاڪ حضرت موسيٰ ڪليم الله عَلَيْهِ السَّلَام جي طرف وحي فرمائي ته جنهن ڀلائي جو حڪم ڏنو ۽ برائي کان منع ڪيو ۽ ماڻهن کي منهنجي اطاعت (يعني فرمانبرداري) جي طرف سڏيو، قيامت جي ڏينهن منهنجي عرش جي