Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
ڇانوَ ۾ هوندو. ([1]) * حضرت ڪعبُ الۡاَحبار رَضِيَ اللهُ عَنهُ جو ارشاد آهي: جنتُ الفِردوس خاص ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو اَمْر بِالْمعْرُوْف وَنَہْی عَنِ الْمُنْکَر (يعني نيڪي جو حڪم ڏي ۽ برائي کان منع ڪري). ([2]) امامُ جلالُ الدين سُيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شرح الصدور ۾ نقل ڪن ٿا ته الله پاڪ حضرت سيدنا موسيٰ ڪليم الله عَلَیْهِ السَّلَام ڏانهن وحي فرمائي: ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، مان ڀلائي سيکارڻ ۽ سکڻ وارن جي قبرن کي روشن فرمائيندُس ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي وحشت نه ٿئي. ([3])
مجھے تم یارسولَ اللہ دے دو جذبۂ تبلیغ
شہا! دیتا پھروں نیکی کی دعوت یارسولَ اللہ([4])
الله پاڪ اسان سڀني کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو هڪ تمام پيارو ڪتاب آهي: نيڪي جي دعوت. هن ۾ نيڪي جي دعوت جي فضيلتن، نيڪي جي دعوت نه ڏيڻ جي نقصانن ۽ نيڪي جي دعوت ڪيئن ڏجي؟ ان ۾ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي ۽ ڪهڙيون احتياطون ڪرڻ گهرجن، ان جو تفصيلي بيان موجود آهي. هي ڪتاب ته هر مسلمان کي پڙهڻ گهرجي. تنهنڪري مڪتبةُ المدينه کان هي ڪتاب هديةً طلب ڪيو.! دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽwww.dawateislami.net تان به هي ڪتاب مفت ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان سکيو ته انسان جو اصل منصب ۽ سڀ کان پهريون تعارف خلافت آهي ۽ خلافت جو مطلب آهي: الله پاڪ