Insan Aur Mansabe Khilafat

Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat

کي سکڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي (1): انسان جو هي منصب جنهن جو الله پاڪ ذڪر فرمايو، يعني خلافت، ان جو مطلب ڇا آهي؟ (2): اسان ڪيئن پاڻ کي هن منصب جو اهل بڻائي سگهون ٿا.

خلافت جو مطلب

   هن جاءِ تي خلافت مان مراد آهي:  اِقَامَۃُ اَحْکَامِ اللہِ وَ تَنْفِیْذُقَضَایَاہٗ   يعني (زمين تي) الله پاڪ جا احڪام ۽ ان جي فيصلن کي نافذ ڪرڻ. ([1]) مثال طور: * الله پاڪ نماز جو حڪم ڏنو، مان پاڻ به نمازي بڻجان، ٻين کي به نمازي بڻايان * الله پاڪ روزا رکڻ جو حڪم ڏنو، مان پاڻ به روزا رکان، ٻين کي به روزيدار بڻايان * الله پاڪ حج جو حڪم ڏنو، جيڪڏهن شرطون موجود آهن ته مان پاڻ به حج ڪريان ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيان * الله پاڪ سودي لين دين کان منع فرمايو آهي، تنهنڪري مان پاڻ به هن آفت کان بچان ۽ ٻين کي به بچايان.

 مطلب ته پنهنجي طاقت ۽ اختيارات جي مطابق، الله پاڪ جي ٻڌايل طريقن جي مطابق حڪمت عملي سان پاڻ تي به ۽ ٻين تي به الله پاڪ جا احڪام نافذ ڪرڻ جو جيڪو منصب آهي، ان کي خلافت چوندا آهن. سادن لفظن ۾ چوان ته ان جو مطلب آهي: مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!

   انبياءِ ڪرام عَلَيْهِم السَّلَام ڇو ته پيدا ئي نبي ٿيندا آهن، اهي معصوم آهن، گناهن کان پاڪ آهن، تنهنڪري انهن کي پنهنجي اصلاح جي حاجت ناهي هوندي، اهي ٻين جي اصلاح فرمائيندا آهن ۽ اسان جهڙن عام انسانن تي پنهنجي به اصلاح ضروري آهي ۽ ٻين جي به ضروري آهي.   This is our real Position هي اسان جو اصل منصب آهي ۽ اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان پاڻ کي هن منصب جو اهل بڻايون. ان جي لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻو پوندو؟


 

 



[1]...تفسیر بغوی، پارہ:1، سورۂ بقرۃ، زیر آیت:30، جلد:1، صفحہ:33۔