Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
فرشتن هي هڪ قياس ڪيو هو يا وري لوحِ محفوظ تي لکيل تحرير جي ذريعي اهي ڄاڻي ويا هئا ته انسانَ زمين ۾ خون ريزيون ڪندا، فساد پکيڙيندا، ان ڪري انهن حڪمت پڇڻ جي لاءِ هي ڳالهه چئي. ([1]) ان جي جواب ۾ الله پاڪ فرمايو:
قَالَ اِنِّیْۤ اَعْلَمُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ(۳۰) (سيپارو: 1، البقرة: 30)
ترجموڪنزُ العرفان: بيشڪ مان اهو ڄاڻان ٿو جيڪو توهان نه ٿا ڄاڻو.
هي هڪ مختصر جواب آهي جيڪو الله پاڪ جي طرفان فرشتن کي ڏنو ويو. اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا الله پاڪ ڄاڻي ٿو، فرشتا ان کي ڄاڻي نه سگهيا هئا؟ ان جو تفصيلي بيان اڳين آيت ڪريمه ۾ آهي جيڪو اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! ايندڙ جمعه تي ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت ڪريمه ۾ سکڻ ۽ سمجهڻ جون تمام گهڻيون ڳالهيون آهن، هڪ اهم ڳالهه جيڪا هن آيت جو مرڪزي مضمون به آهي، اها هيءَ ته الله پاڪ انسان کي خليفو بنايو آهي، اڃا انسان جي تخليق به نه ٿي هئي، ان کان به پهرين انسان جو جيڪو تعارف ڪرايو ويو اهو هو:
اِنِّیْ جَاعِلٌ فِی الْاَرْضِ خَلِیْفَةًؕ-(سيپارو: 1، البقرة: 30)
ترجمو ڪنزُ العرفان: آءُ زمين ۾ پنهنجو نائب بڻائڻ وارو آهيان.
صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ۽ سلطانُ المفسرين حضرت عبدالله بن عباس رَضِيَ اللهُ عَنهُما هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: ذٰلِكَ الْخَلِيفَةُ هُوَ آدَمُ وَمَنْ قَامَ مَقَامَهُ يعني حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام آهن ۽ جيڪو به انهن جو قائم مقام هجي (يعني حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام جو نائب ٿيڻ جي اهليت رکندو هجي) اهو زمين ۾ الله پاڪ جو خليفو آهي. ([2])