Insan Aur Mansabe Khilafat

Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat

   هاڻي هن تناظر ۾ غور فرمايو! هي اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪيتري وڏي شان آهي، واقعو اهو آهي جيڪو ڪيئي صديون اڳ ٿيو هو، ان وقت ٿيو هو جڏهن حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام اڃا پيدا به نه ٿيا هئا ۽ الله پاڪ فرمائي رهيو آهي: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان وقت کي ياد ڪيو! جڏهن اوهان جي رب ملائڪن کي فرمايو هو. ([1])

   ان مان معلوم ٿئي ٿو: هي منهنجي آقا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان آهي، پاڻ دنيا ۾ جيتوڻيڪ سڀني نبيَن کان پوءِ تشريف کڻي آيا پر سندن تخليق مبارڪ حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام کان به پهريان ٿي چڪي هئي، جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام جي پيدائش کان به پهريان سندن خلافت جو اعلان فرمائي رهيو هو، محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نور مبارڪ ان وقت پيدا به ٿي چڪو هو ۽ هن سڄي واقعي کي ملاحظه به فرمائي رهيو هو.

کوئی کیا جانے کہ کیا ہو                                                                                                              عقلِ عالَم سے وَرا ہو

سب سے اَوَّل، سب سے آخر                                                              ابتدا   ہو   انتہا   ہو([2])

   خير! الله پاڪ فرشتن کي فرمايو، ڇا فرمايو؟

اِنِّیْ جَاعِلٌ فِی الْاَرْضِ خَلِیْفَةًؕ-(سيپارو: 1، البقرة: 30)

ترجمو ڪنزُ العرفان: آءُ زمين ۾ پنهنجو نائب بڻائڻ وارو آهيان.

   هتي 2 ڳالهيون سمجهڻ جون آهن: (1): هڪ ته هيءَ ته فرشتن جي سامهون حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام جي پيدائش ۽ زمين ۾ خليفو ٿيڻ جو پيشگي اظهار ڇو ڪيو ويو؟ ان ۾ حڪمت ڇا هئي؟ ان جو بيان اسان اڃا ٿوري دير ۾ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! ٻڌنداسين. (2): ٻي ڳالهه هيءَ  ته عام طور تي اسان وٽ ماڻهو سمجهندا آهن، چوندا به آهن ته حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام کي جنت مان ڪڍي (يعني


 

 



[1]...تفسیر مظہری، پارہ:1، سورۂ بقرۃ، زیر آیت:30، جلد:1، صفحہ:58۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:341 ملتقطًا۔