Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙي فضيلت جي ڳالهه آهي، درودِ پاڪ آهي ئي اهڙو نرالو عمل جو ان جا فضائل پڙهي دل جهومي ويندي آهي، غور ته فرمايو! جڏهن ڪنهن جي سامهون منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪرِ پاڪ ٿئي ۽ اهو پيار سان، ادب سان، محبت سان بارگاھ رسالت ۾ 100 ڀيرا نه، هزار ڀيرا نه، لک ڀيرا نه پر صرف هڪ ڀيرو درود شريف پڙهي ته ملائڪ ان جي لاءِ بخشش جي دعا ڪندا آهن ۽ رحمت و ڪرم تي قربان وڃو! پاڻ اسان جو خالق، اسان جو مالڪ، اسان جو پيارو الله پاڪ ملائڪن جي ان دعا تي آمين فرمائيندو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! غور فرمايو! ملائڪ جنهن لاءِ بخشش جي دعا ڪن ۽ پاڻ رب ڪريم ان دعا تي آمين فرمائي، ڇا اهڙو خوش نصيب ٻانهو به بخشش کان محروم رهجي ويندو...؟ نه! نه...!! درودِ پاڪ پڙهندڙ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رحمتِ خدا جي صدقي، شفاعتِ مصطفيٰ جي صدقي پنهنجي آقا، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پٺيان پٺيان جنت ۾ پهچي ويندو.
زبان و قلب کی عظمت درودِ پاک سے ہے ہر ایک غم سے حفاظت درودِ پاک سے ہے
ازل کے دِن سے مرے مصطفےٰ کے چرچے ہیں تمام دہر پہ رحمت درودِ پاک سے ہے
بروزِ حشر وہ ہو گا نبی کی قربت میں جہاں میں جس کو بھی الفت درودِ پاک سے ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
قَالَ اللهُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو):
وَ اِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلٰٓىٕكَةِ اِنِّیْ جَاعِلٌ فِی الْاَرْضِ خَلِیْفَةًؕ-قَالُوْۤا اَتَجْعَلُ فِیْهَا مَنْ یُّفْسِدُ فِیْهَا وَ یَسْفِكُ الدِّمَآءَۚ-وَ نَحْنُ نُسَبِّحُ بِحَمْدِكَ وَ نُقَدِّسُ لَكَؕ-قَالَ اِنِّیْۤ اَعْلَمُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ(۳۰)
صَدَقَ اللهُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ ياد ڪريو جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي فرمايو: آءُ زمين ۾ پنهنجو نائب بڻائڻ وارو آهيان ته انهن عرض ڪيو: ڇا تون زمين ۾