Insan Aur Mansabe Khilafat

Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat

بيدخل ڪري) ڇڏيو ويو هو. هي هڪ وڏي غلطي آهي. الله پاڪ فرشتن جي سامهون هي اعلان فرمايو ته آءٌ زمين ۾ خليفو بڻائڻ وارو آهيان. معلوم ٿيو: حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام کي پيدا ئي زمين ۾ خلافت جي لاءِ ڪيو ويو هو. کين جنت ۾ رهائڻ هڪ حڪمت تحت هو، جڏهن اها حڪمت پوري ٿي وئي ته  کين اصل مقامِ خلافت يعني زمين تي لاٿو ويو. تنهنڪري کين جنت مان ڪڍيو وڃڻ يعني بيدخل ڪري ڇڏڻ چوڻ غلط ڳالهه آهي.

هي ڳالهه هميشه ياد رکو! حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن، سڀني انسانن جا والدِ محترم آهن، عام طور تي ماڻهو پاڻ عَلَيْهِ السَّلَام جي متعلق مختلف قِسمن جون نامناسب ڳالهيون ڪري ڇڏيندا آهن: مثال طور: * پاڻ جنتي وڻ ڇو کاڌو؟ * پاڻ کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها؟ * پاڻ گناهه ڪيو؟ * ان جي ڪري اسان زمين تي آياسين وغيره وغيره. هڪ نبي عَلَيْهِ السَّلَام جي باري ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تمام سخت آهي. ڪِن صورتن ۾ اهڙين ڳالهين تي حڪم ڪفر به لڳي سگهي ٿو، ان ڪري اسان کي ڳالهائڻ وقت خوب احتياط ڪرڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي ادب جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

  جڏهن الله پاڪ فرشتن جي سامهون حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام جي خلافت جو اعلان فرمايو ته ڇا ٿيو؟ ٻڌو!

قَالُوْۤا اَتَجْعَلُ فِیْهَا مَنْ یُّفْسِدُ فِیْهَا وَ یَسْفِكُ الدِّمَآءَۚ-وَ نَحْنُ نُسَبِّحُ بِحَمْدِكَ وَ نُقَدِّسُ لَكَؕ-

(سيپارو: 1، البقرة: 30)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ته انهن عرض ڪيو: ڇا تون زمين ۾ ان کي نائب بڻائيندين جيڪو ان ۾ فساد پکيڙيندو ۽ رت وهائيندو حالانڪه اسان تنهنجي حمد ڪندي تنهنجي تسبيح ڪندا آهيون ۽ تنهنجي پاڪائي بيان ڪندا آهيون: