Book Name:Insan Aur Mansabe Khilafat
عُلماءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم فرمائن ٿا: زمين تي سڀ کان وڏو خليفو منهنجو ۽ اوهان جو آقا، امامُ الۡاَنبيا حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن. ([1]) اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
اس کے نائِب، اِن کے صاحِب حق سے خلق ملاتے یہ ہیں
قادِرِ کُل کے نائِبِ اکبر کُن کا رنگ دِکھاتے یہ ہیں
وضاحت: يعني پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جا خليفا ۽ مخلوق جا آقا آهن، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مخلوق کي رب سان ملائڻ جي لاءِ تشريف وٺي آيا. الله پاڪ قادرِ ڪل يعني هر شيءِ تي قادر آهي ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جا خليفهءِ اعظم، نائب اڪبر آهن، هي الله پاڪ جي شان آهي ته ڪُن (ٿي وڃ) فرمائيندو آهي ته جيڪو اهو چاهيندو آهي، ٿي ويندو آهي، الله پاڪ پنهنجي نائبِ اڪبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي به هي شان عطا فرمائي آهي، سندن زبان کي ڪُن جي ڪُنجي چيو ويندو آهي ته ان زبانِ مبارڪ مان جيڪو نڪرندو آهي، ٿي ويندو آهي.
تمہارے مُنہ سے جو نکلی وہ بات ہو کے رہی جو دِن کو کہہ دیا شب تو رات ہو کے رہی
خير! الله پاڪ جا سڀ کان وڏا خليفا، نائب اڪبر اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پوءِ سڀئي انبياءِ ڪرام عَلَيْهِم السَّلَام به الله پاڪ جا خليفا آهن. ([2]) پوءِ انبياءِ ڪرام عَلَيْهِم السَّلَام جي واسطي ۽ فيضان کان انهن جي اُمت ۾ هر اهو شخص جيڪو هن منصبِ خلافت جي اهليت رکندو هجي، اهو به زمين تي خليفو آهي.
هن مان معلوم ٿيو ته سڀئي انبياءِ ڪرام عَلَيْهِم السَّلَام زمين تي الله پاڪ جا خليفا آهن پر انبياءِ ڪرام عَلَيْهِم السَّلَام کان پوءِ اسان جيڪي عام انسان آهيون،