Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat
رِجَالٌ، رَجُلٌ جي جمع آهي، رَجُلٌ جي معنيٰ آهي: مرد. ننڍي ٻار کي عربي ۾ صَبِيٌّ يا غُلَامٌ چوندا آهن، جيڪو وڏي عمر جو شخص هجي، ان کي رَجُلٌ چيو ويندو آهي. اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ربِّ ڪريم 3 پٽ عطا فرمايا: (1): حضرت قاسم (2): حضرت عبدالله (3): ۽ حضرت ابراهيم رَضِیَ اللهُ عَنْہم هي ٽيئي شهزادا ننڍپڻ (Childhood) ۾ ئي دنيا مان پردو فرمائي ويا هئا، انهن مان ڪو به ان عمر کي نه پهتو جو ان کي رَجُلٌ چيو وڃي. ان ڪري فرمايو ويو: اي انسانو! توهان حضرت زيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حقيقي پٽ سمجهو ٿا، ان کي زيد بن مُحَمَّد چئي سڏيو ٿا، جڏهن ته سچائي هي آهي ته محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان مان ڪنهن به مرد جو والد ناهي. زيد بن حارثه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ انهن جا حقيقي نه پر وات سان چيل پٽ آهن. ([1])
وڌيڪ فرمايو:
وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ (سیپارو:22، سورۀ الاحزاب:40)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي.
يعني اسان جا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن مرد جا حقيقي والد ناهن پر روحاني طور تي قيامت تائين ايندڙ سڀني مسلمانن لاءِ والد کان به گهڻو وڌيڪ آهن، پاڻ الله پاڪ جا رسول آهن ۽ سڀني نبين ۾ آخري نبي آهن. ([2])
فتحِ بابِ نبوت پہ بے حد درود ختمِ دَورِ رِسالت پہ لاکھوں سلام([3])
وضاحت: اي اها ذات جن سان نبوت جو دروازو کوليو ويو، يعني جن کي سڀ کان پهريان نبوت جو تاج عطا ٿيو (جو حديثِ پاڪ ۾ آهي: کُنْتُ نَبِیًّا وَ آدَمُ بَیْنَ الرُّوْحِ وَ الْجَسَدِ، مان ان وقت به نبي هئس، جڏهن آدم عَلَیْهِ السَّلَام اڃا رُوح ۽ جسم