Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

هڪ کان پوءِ هڪ نانگ نه ڄاڻ ڪٿان ايندو رهيو هو، ان وقت ئي آنڌي به هلڻ لڳي ۽ ان سان گڏ ئي قبر مان باهه جا شعلا به اٿڻ شروع ٿي ويا.

هاڻي انهن قاديانين مون کي هڪ ٻي قبر کوٽڻ جو چيو، مون هڪ ٻي جاءِ تي کوٽائي ڪري ڇڏي، جيئن ئي ان قبر ۾ ان گستاخ قادياني کي دٻائڻ لڳا ته ان مان انتهائي خوفناڪ آواز اچڻ شروع ٿي ويا، جن کي ٻڌي سڀئي مُردي کي اتي ئي ڇڏي ڊڄي ڀڄي ويا، ايتري تائين مردي جو اولاد به اتي نه رهيا. ان گستاخ جي گندي لاش 3 ڏينهن تائين ائين ئي قبرستان ۾ پيل رهي، آخرڪار ماڻهن ان تي مٽي وجهي ان کي دٻائي ڇڏيو.

پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي منڪرينِ ختمِ نبوت جو عبرتناڪ انجام...!! اصل عذاب ته اهو هوندو، جيڪو قيامت جي ڏينهن انهن کي ڏنو ويندو، البته الله پاڪ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جو انجام دنيا تي واضح فرمائي ٿو ته جيئن ماڻهو عبرت وٺن ۽ اهڙين گستاخين کان هميشه پري رهن.
   الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، اسان کي عقيدهءِ ختمِ نبوت تي ۽ تمام اسلامي عقائد تي استقامت نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

قاديانين جا حربا

ياد رکو! قادياني ختمِ نبوت جا انڪاري آهن، مرزا غلام احمد کي نبي مڃيندا آهن ، قرآن ڪريم جا به منڪر آهن، حديثن جا به منڪر آهن، ڪيترن ئي انبياءِ ڪرام ۽ خاص ڪري اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا سخت ترين گستاخ آهن، هي بدبخت مسلمانن کي ڀڙڪائڻ لاءِ ڪيترائي حربا استعمال ڪندا آهن. هڪ رپورٽ مطابق هن وقت دنيا ۾ اسلام ۽ مسلمانن خلاف جيڪا لابي (Lobby) سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي اها قادياني آهن، هي بدانجام ميڊيڪل جون سهولتون فراهم ڪندا آهن، مفت علاج ڪندا آهن، کاڌو پيتو مهيا ڪندا آهن، رفاھِ عامه (Public Welfare) جا (يعني خيرخواهي وارا) ڪم ڪندا آهن، ماڻهن کي ڪاروبار ڪرائيندا آهن، مهانگي ملڪن جا ويزا ڏياريندا آهن، اهڙيءَ طرح دنياوي لالچ ڏئي، ماڻهن