Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat
ٻاري وڃي. ان جي چيلن فوري طور تي باهه ٻاري. هاڻي هن حڪم ڏنو: ابو مسلم کي هن ٻرندڙ باهه (Blazing Fire) ۾ وجهي ڇڏيو. پوءِ سندن ان ٻرندڙ خوفناڪ باهه ۾ وِڌو ويو.
پر واھ! سُبْحٰنَ اللہ! جيئن الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام تي باهه کي ٿڌي ۽ سلامتي واري بڻائي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح حضرت ابومسلم خولاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي لاءِ به باهه سلامتي واري ٿي وئي، الله پاڪ جي فضل سان پاڻ صحيح سلامت باهه مان ٻاهر تشريف وٺي آيا. هي حيرت انگيز منظر ڏسي اسود عنسي کي پنهنجي ڪوڙي نبوت جي فڪر ٿيڻ لڳي، ان کي خطرو لاحق ٿيو ته جيڪڏهن هي معاملو مشهور ٿي ويو ته ماڻهو منهنجي نبوت کي هرگز نه مڃيندا، ان ڪري هن انهن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ مدينهءِ منوره حاضر ٿيا. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڳالهه هميشه ياد رکو ته عقيدهءِ خَتْمِ نبوت ڪو معمولي اهميت جو عقيدو ناهي، بلڪه هي ضرورياتِ دِين مان آهي، يعني اسلام ۾ جيڪا اهميت عقيدهءِ تَوحِيد جي آهي، اها ئي اهميت عقيدهءِ خَتْمِ نبوت جي به آهي، مسلمان ٿيڻ لاءِ جيئن لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ جو اقرار ڪرڻ ضروري آهي، اهڙيءَ طرح پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي آخري نبي مڃڻ به ضروري آهي. ڪلمہ طَيِّبہ جيڪو پڙهي ڪافر مسلمان ٿئي ٿو: لَا اِلٰہَ اِلَّا للہُ مُحَمَّدُ رَّسُوْلُ اللہ، هن ڪلمي ۾ جيڪو لفظ مُحَمَّد آهي، ان مان مراد ڪو ٻيو نه بلڪه اهو محبوبِ خُدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مراد آهي، جن جي سر تي ربِّ ڪائنات خَاتَمُ النَّبِیّٖنَ جو تاج سجايو آهي، ان ڪري جيڪو ٻانهو ڪلمہ طيبہ ته پڙهي پر حضرت مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي آخري نبي نه مڃي، اهو هرگز، هرگز مسلمان نه ٿو ٿي سگهي