Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat
مُحَمَّدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
اعتقادِ فاطمہ! سب سے آخری نبی! ہے یقینِ عائشہ! سب سے آخری نبی!
شیخ وشاب نے کہا! سب سے آخری نبی! بچہ بچہ بول اٹھا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ غوثِ پاک کا! سب سے آخری نبی! اَوْلیا نے بھی کہا! سب سے آخری نبی!
حديثِ
پاڪ جي مشهور ڪتابن: بخاري، مسلم، ترمذي ۽ مسندِ احمد ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري
نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
منهنجي ۽ مون کان پهرين نبين جي مثال (Example) ان شخص وانگر آهي
جنهن هڪ تمام حسين و جميل گهر ٺاهيو پر ان جي هڪ ڪنڊ (Corner) ۾ هڪ سر جي جاءِ ڇڏي ڏني، ماڻهو ان جي چوڌاري
ڦرڻ لڳا ۽ تعجب سان چوڻ لڳا ته هن هي سر ڇو نه رکي، پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
مان اها (آخري) سر آهيان ۽ نبين ۾ آخري نبي آهيان. ([1])
ٻي روايت ۾ آهي: ان سر جي جاءِ (کي پورو ڪرڻ وارو) مان آهيان،
مان آيس ته نبين (جي سلسلي) کي ختم (يعني مڪمل) ڪري ڇڏيو. ([2])
مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديثِ
پاڪ جي شرح ۾ لکن ٿا: سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي پياري مثال آهي،
نبوت ڄڻ نوراني محل آهي، حضرات انبياءِ ڪرام عَلَیْهِ السَّلَام ڄڻ ان جون
نوراني سرون آهن، حُضُور صَلَّى
اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڄڻ ان محل جي آخري
سر آهن، جنهن تي هن عمارت جي تڪميل ٿي، ان مان معلوم ٿيو ته حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي
آهن، اوهان جي زماني ۾ يا اوهان کان پوءِ ڪو نبي ناهي. ([3])
ہیں وہ قصرِ نبوت کی اینٹ آخری
قولِ شاہِ دنا، خاتمُ الانبیا