Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

جي وچ ۾ هئا([1]))، اوهان تي بيحد درود هجن ۽ اي اها ذات جن تي رسالت ختم ڪئي وئي ته اوهان کي آخري نبي ۽ آخري رسول بڻائي موڪليو ويو، اوهان تي لکين سلام هجن.

مُحَمَّدِ مصطفےٰ!                سب سے آخری نبی!        احمدِ مجتبیٰ!                       سب سے آخری نبی!

آمنہ کا لاڈلا!                   سب سے آخری نبی!        شاہِ ہر دوسرا!                 سب سے آخری نبی!

تاجدارِ انبیا!                   سب سے آخری نبی!        ہیں حبیبِ کبریا!              سب سے آخری نبی!

عقیدہ سب صحابہ کا!         سب سے آخری نبی!        عقیدہ اَہْلِ بیت کا!           سب سے آخری نبی!

عقیدہ غوثِ پاک کا!        سب سے آخری نبی!        اَوْلیا نے بھی کہا!              سب سے آخری نبی!

ہیں شفیع الْوَرا!                 سب سے آخری نبی!        عاصیوں کا آسرا!            سب سے آخری نبی!

ہے عقیدۂ رضا!               سب سے آخری نبی!        نعرہ ہے عطّار کا!              سب سے آخری نبی!

احاديث ۾ ختمِ نبوت جو بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! قرآنِ ڪريم ۾ ڪيتري وضاحت سان ۽ بلڪل صاف صاف لفظن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان آخري نبي آهن، اوهان کان پوءِ قيامت تائين ڪو به نئون نبي نه ٿو اچي سگهي.

   اهڙيءَ طرح احاديث ۾ به عقيدهءِ خَتْمِ نبوت کي وڏي وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي، اچو! 4 مبارڪ حديثون ٻڌون ٿا:

(1): لوحِ محفوظ ۽ عقيدهءِ ختمِ نبوت

حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب مسلم شريف ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش کان 50 هزار سال پهرين مخلوق جي تقدير لکي، ان وقت لوحِ محفوظ تي جيڪو ڪجهه لکيو ويو، ان ۾ هي به هو: اَنَّ مُحَمَّدًا خَاتَمُ النَّبِیّٖنَ، بيشڪ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان آخري نبي آهن. ([2])


 

 



[1] ...مصنف ابن شیبہ، کتاب المغازی، ما جاء فی مبعث النبی صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم،8/438، حدیث:1۔

[2] ... مسلم،کتاب القدر،باب حِجاج آدم و موسیٰ  علیہما السَّلام ،صفحہ:1023،حدیث:2653۔